welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

روس تي ڪيميائي هٿيار استعمال ڪرڻ جو الزام

ڊچ:(جمعو 04 جولاءِ 2025ع)يورپي انٽيليجنس ايجنسين روس تي ڪيميائي هٿيارن جي استعمال جو الزام لڳايو آهي. ڊچ ۽ جرمن انٽيليجنس ايجنسين دعويٰ ڪئي آهي ته روس ڪيميائي هٿيارن جي استعمال ۾ اضافو ڪيو آهي ۽ روسي فوجن منع ٿيل ڪيميائي "ڪلوروپيرين" استعمال ڪيو آهي. هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي جي مطابق، ڪلوروپيرين هڪ خطرناڪ ڪيميائي آهي جيڪو ساهه کڻڻ ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري ٿو. ڊچ دفاع واري وزير چيو ته ڪلوروپيرين ڊرون ذريعي يوڪريني محاذن تي اڇلايو پيو وڃي. روسي پرڏيهي وزارت يورپي انٽيليجنس ايجنسين جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته ڪلوروپيرين يوڪريني سپاهين کان هٿ ڪيو ويو آهي. روس ۽ يوڪرين ٻنهي ڪيميائي هٿيارن جي استعمال کان انڪار ڪيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے