welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

لاڙڪاڻي جا ادارا ناڪاره: گٽر اٿلي پيا، جنازو ڪني پاڻي مان گذاريو ويو

لاڙڪاڻو:(اڱارو 15 جولاءِ 2025ع)ڪروڙين رپين جي بجيٽ هوندي به لاڙڪاڻي جا مڪاني ادار بي لاڀ ۽ چونڊيل نمائندا عوام جي اهنجن کي گهٽائي نه سگهيا آهن، اکڙيل روڊ رستن جي نئين سِر اڏاوت توڙي مرمتي ڪم ٿي نه سگهيو ۽ نه ئي ڊرينج سسٽم ٺيڪ ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري شهر جي اڪثر علائقن ۾ گٽرن توڙي گندي نالن جو گندو پاڻي روڊن تي ڪاهي پيو آهي. لاڙڪاڻي جي سچل ٽائون جي يونين ڪاميٽي 2 نظر محلا ۾ مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن جي نااهلي سبب گٽرن ۽ نالن جو گندو پاڻي نظر محلا روڊ تي تلاءُ جي صورت اختيار ڪري ويو آهي. اهڙي ويڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته نظر محلا روڊ تي بيٺل گٽرن ۽ نالن جي گندي پاڻيءَ مان فوت ٿي ويل هڪ شهري جي لاش کي گندي پاڻيءَ مان گذاري تدفين لاءِ قبرستان نيو پيو وڃي ۽ گندي پاڻي مان ٽريفڪ گذري رهي آهي. اهڙي ويڊيو وائرل ڪندڙ همراهه چئي رهيو آهي ته هي صفا ايڏو وڏو پاڻي آهي، نظر محلا روڊ تي گندو پاڻي آهي، جنهن ڪري جنازي کي کڻي اچڻ تي ڏکيائي آهي، هي حالت ڏسو لاڙڪاڻي نظر محلا جي، ايڏو پاڻي بيٺو آهي، جيڪو ماڻهو مري وڃي ان جي لاش سان هي حشر آهي، نظر محلا جو روڊ به ختم ٿي ويو آهي. ان حوالي سان لاڙڪاڻي جي ساڃاهه وندن سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي آهي ته چونڊيل نمائندن کي شهر جي ترقيءَ لاءِ ملندڙ بجيٽ جي آڊٽ ڪرائي ڪرپشن ۾ ملوث چونڊيل نمائندن خلاف ڪاروائي ڪري شهرين کي رليف فراهم ڪرڻ سان گڏ فوري طور نظر محلا روڊ جو اڏاوتي ڪم ڪرائي گٽرن ۽ نالن جي گندي پاڻي کي نيڪال ڪرايو وڃي. ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي اهڙي ويڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ سچل ٽائون جي چيئرمين سرفراز احمد کوکر معاملي جو نوٽيس وٺندي پنهنجي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو آهي ته نظر محلا روڊ واري علائقي ۾ صفائي جي ٽيم کي مقرر ڪري ڇڏيو، نالا بند تي ويا آهن ان جي صفائي جو ڪم ھلي رھيو آھي ان لاءِ روڊ تي پاڻي بيھجي ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے