نئوں آباد:(اڱارو 15 جولاءِ 2025ع)نئون آباد شهر کي پاڻي فراهم ڪندڙ واٽر ۾ ٻه ڪتا مري ويا، عوام گدلو پاڻي واپرائڻ تي مجبور بڻيل آهي، رپورٽ موجب ڄام نواز علي تعلقي جو ٻيو نمبر وڏو شهر نئون آباد جي واٽر سپلاءِ گندو ٿي ويو آهي، تلاءَ ۾ ڪتا مري ويا، جنهن ڪري پاڻي بدبوءِ دار ٿي ويو آهي، عوام پيئڻ لاءِ اهڙو گدلو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهي، پاڻي جي تلاءَ ۾ مئل ڪتا پيل هجڻ جي ويڊيو شوسل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جڏهن ته انتظاميا هن وقت تائين ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي، جنهن ڪري شهرين ۾ بيچيني پکڙيل آهي، شهرين مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي مئل ڪتا پاڻي جي تلاءَ مان ڪڍيا وڃن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language