welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪوٽڙي ۽ ڀرپاسي پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ خلاف شهرين جو مظاهرو ۽ ڌرڻو: روڊ بلاڪ

ڪوٽڙي:(اڱارو 15 جولاءِ 2025ع)ڪوٽڙي ۽ ڀرپاسي پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ خلاف شهرين مظاهرو ڪيو ۽ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ڪوٽڙي سائيٽ جي مختلف علائقن سڪندر آباد ڪالوني، ٽيليگراف ڪالوني، سمان ڳوٺ، شورا ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ ٽن مهينن کان پيئڻ جو پاڻي بند آهي، پاڻي نه ملڻ خلاف علائقي واسين ڪوٽڙي- ڄامشورو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ زوردار نعريبازي ڪئي، جڏهن ته احتجاج سبب ڪوٽڙي ۽ ڄامشوري ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ روڊ جي ٻنهي پاسي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي حسين شورو، عامر سيال، محمد علي ۽ ٻين چيو ته ڪوٽڙي ۽ ڄامشورو روڊ جي ڪم دوران ٺيڪيدار لاپرواهيءَ جو مظاهرو ڪري واٽر سپلاءِ جي لائين ٽوڙي ڇڏي آهي، جنهن ڪري اٽڪل ٽن مهينن کان ڄاڻايل علائقن جو پاڻي بند آهي. هنن چيو ته ڊي سي ڄامشورو وٽ دانهڻ باوجود واٽر سپلاءِ لائين جي بحاليءَ لاءِ ڪو به قدم ناهي کنيو ويو. هنن ڊي سي ڄامشورو سميت اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته بنا دير واٽر سپلاءِ لائين جي مرمت ڪري پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے