welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

بدين: آبادگار ايسوسيئيشن بدين پاران پاڻي تي ڌاڙي خلاف پريس ڪلب آڏو ڌرڻو

بدين:(اڱارو 15 جولاءِ 2025ع)ٽيل آبادگار ايسوسيئيشن بدين جي سڏ تي اڪرم واھ جي آبپاشي سب ڊويزن ڪڍڻ, شادي, قاضيا جي سمورين ٽيلن ۾ پاڻي نه پھچڻ ۽ پاڻي تي ڌاڙي خلاف راڄ واھ شاخ موري کان ڪڍڻ پريس ڪلب تائين 3 ڪلوميٽر مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي ويئي. جڏهن ته ساحلي پٽي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري پاڻي کوٽ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ٻئي پاسي ڪڍڻ شهر ۾ عزيزالله ڏيرو, ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ راڄواه کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هنن چيو ته ڪوٽڙي بئراج ۾ 77ھزار ڪيوسڪ پاڻي موجود ھئڻ باوجود اڪرم واه جون ٽيلون سڪل آھن، جتي پيئڻ جو پاڻي ميسر ناھي. سنڌو درياھ ۾ ٻوڏ واري صورتحال باوجود اھم ڪئنال اڪرم واھ جي ٽنھي سب ڊويزنن جي ڪنهن به شاخ ۾ پاڻي موجود ناھي جيڪا ھتان ٽيل جي ماڻھن سان ذيادتي آھي. جنهن ڪري ھتان جي زراعت مڪمل تباھ آھي پيئڻ جو پاڻي به ناھي ھتي ڏڪار واريون حالتون پيدا ٿي پيون آھن ۽ ڪيترائي خاندان لڏپلاڻ ڪري ويا آھن. ھنن مطالبو ڪيو ته سمورن واھن جي ٽيلن ۾ پاڻي پھچائي ھتان جي زراعت ۽ انساني زندگيون بچايون وڃن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے