welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سکر: پاڻي جي وهڪرن ۾لاڳيتو واڌ ٿيڻ سبب گڊو ۽ سکر بئراجن وٽ ننڍي ٻوڏ واري صورتحال

سکر:(اڱارو 15 جولاءِ 2025ع)سنڌو درياء ۾ پاڻي وهڪرن ۾ لاڳيتو واڌ ٿيڻ سبب گڊو ۽ سکر بئراجن وٽ ننڍي ٻوڏ واري صورتحال. گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 75 هزار 494 ڪيوسڪ، ھيٺانهون وهڪرو 3 لک 35 هزار 803 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 89 هزار 531 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ھيٺانهون وهڪرو2 لک. 40 هزار 826 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 77 هزار 95 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانهون وهڪرو 40 هزار 770 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. گڊو ۽ سکر بئراجن وٽ ننڍي ٻوڏ جڏھن ته ڪوٽڙي بئراج وٺ وهڪرا نارمل ٻڌايا پيا وڃن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے