welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سيوهڻ: 24 ڪلاڪن کان بجلي بند، عوام سخت پريشان

سیوھڻ:(اڱارو 15 جولاءِ 2025ع)تعلقي سميت مختلف شهرن ۾ 24 ڪلاڪن کان بجلي بند، عوام سخت پريشان. گذريل ڏينهن سيوهڻ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ طوفاني برساتن سبب بجلي ٿنڀا ڪري پيا 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود سيوهڻ ۾ بجلي بحال نه ٿي سگهي آهي بجلي بحال نه ٿيڻ سبب شهري سخت پريشاني کي منهن ڏيڻ لڳا. انهي حوالي سان ايس ڊي او حيسڪو موجب تيز طوفاني برساتن سبب کاڻوٺ، آمري جهانگارا ڀرسان هيوي بجلي جا ٿنڀا ڪري پيا آهن، جنهن سبب بجلي جي فراهمي معطل آهي. رات دير تائين بجلي بحال ڪئي ويندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے