اسلام آباد:(اربع 02 جولاءِ 2025ع)ايف بي آر جي چيئرمين راشد محمود لنگڙيال چيو آهي ته هلندڙ مالي سال لاءِ ٽيڪس وصولي جو هدف آسان نه پر ممڪن آهي.
جيو نيوز جي پروگرام اڄ ۾ شاهزيب خانزاده سان ڳالهائيندي راشد لنگڙيال چيو ته اسان جا ڪيترائي ماڻهو ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر آهن ۽ جيڪي ٽيڪس نيٽ ۾ آهن اهي به وڏي پيماني تي انڊر رپورٽ ڪندا آهن.
هن چيو ته فائلر ۽ نان فائلر جي بدران، هاڻي اسان قابليت ۽ نااهلي جو پيمانو آندو آهي. سڄي حڪومت ۾ اتفاق راءِ هئي ته محققن ۽ استادن کي ٽيڪس ۾ رعايت ملڻ گهرجي. آءِ ايم ايف محققن ۽ استادن کي ٽيڪس ۾ رعايت ڏيڻ تي اعتراض ڪيو هو.
ايف بي آر چيئرمين چيو ته حڪومت موجوده مالي سال لاءِ ايف بي آر کي آسان هدف نه ڏنو. موجوده مالي سال لاءِ ٽيڪس وصولي جو هدف آسان نه پر ممڪن آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language