اسلام آباد:(اربع 02 جولاءِ 2025ع)دفاع واري وزير خواجه آصف وفاقي ۽ پنجاب حڪومتن ۾ پيپلز پارٽي جي شموليت جو اشارو ڏنو.
خواجه آصف جيو نيوز کي ٻڌايو ته هو اهو نٿو چئي سگهي ته هن وقت ڇا ٿي رهيو آهي، پر امڪان آهي ته پيپلز پارٽي حڪومت ۾ شامل ٿيندي.
دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته حڪومت ۾ پيپلز پارٽي جي شموليت هڪ سٺي ڳالهه هوندي، پر هن کي حڪومت جي پيپلز پارٽي سان رابطن جي تفصيل جي خبر ناهي.
هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) قومي ايجنڊا تي گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا.
ياد رهي ته ان کان اڳ سومر تي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل ميمڻ چيو هو ته وفاقي حڪومت طرفان في الحال پيپلز پارٽي کي ڪا به آڇ نه ڪئي وئي آهي، ۽ هن اهڙين ڳالهين کي رد ڪيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language