welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪشمور ۾ وڌندڙ بدامني خلاف وڪيل برادري ۽ شهرين جا ڌار ڌار احتجاج

ڪشمور:(اربع 16 جولاءِ 2025ع)وڌندڙ بدامني خلاف وڪيل برادري ۽ شهرين جا ڌار ڌار احتجاج ڪري، انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو. شڪارپور جي حد تائين روڊ مڪمل طور تي بند ٿي ويو. گذريل ڏينهن راڻي اسٽاپ ڀرسان ڪشمور تعلقه بار جي اڳوڻي صدر ۽ سينئر قانوندان ايڊوڪيٽ نثار احمد سومرو سان پيش آيل ڦر واري واقعي خلاف وڪيل برادري پاران سخت ردعمل جو اظهار ڪندي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. وڪيلن انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ کي ٻنهي پاسن کان بند ڪري ڇڏيو. جنهن سبب ٽريفڪ جو نظام متاثر ٿي پيو. احتجاجي مظاهري دوران ايڊوڪيٽ نثار احمد سومرو، ايڊوڪيٽ نصرالله سولنگي، ايڊوڪيٽ عبدالفهيم ٿهيم، ايم بادل شيخ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ضلعي ڪشمور کان وٺي ڪرمپور تائين ڌاڙيلن جو راڄ قائم آهي. ٻئي پاسي شڪارپور جي حد مان ڦر ٿيل 16 کان وڌيڪ موٽرسائيڪلن جي ڦر خلاف متاثر واپارين ۽ شهرين پاران ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين روڊ بند ڪري پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سنڌ اندر وڌندڙ بدامني سبب عام شهري پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهيا آهن. حڪومت امن امان قائم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ڦر ٿيل گاڏيون واپس ڪرائي، ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪيو وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے