ڪڪڙ:(اربع 16 جولاءِ 2025ع)ٿرڙي جادو شهيد ٿاڻي جي حد ڳوٺ بچل پسيو واسي بُھَ جو مزدور28 ورهين جو راشد ولد صيفل قمبراڻي سم نالي ۾ وهجندي پير ترڪڻ ڪري پاڻي ۾ ٻڏي ويو.
مقامي ماڻهن ۽ ڇنڊڻ موري پل جو تعميراتي ڪم ڪندڙ مزدوررن پاران ٻڏي ويل پورهيت کي ترت بيهوشي واري حالت ۾ پاڻي مان ٻاهر ڪڍي سول اسپتال دادو کڻائي ويا جتي هو علاج دوران فوت ٿي ويو.
فوتي جو مڙھ ضروري ڪاروائي بعد وارثن حولي ڪيو ويو.
فوتي پورهيت شادي شدھ هو ۽ غربت سبب بھ جي مزدوري ڪري گهر جو گاڏو هلائيندو هو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language