welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

کهڙا: پوليس اهلڪار ڀنگ واپرائڻ سبب فوت

کھڙا:(اربع 16 جولاءِ 2025ع)پوليس اھلڪار ڀنگ واپرائڻ سبب اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. کھڙا ۾ گذريل ڏينهن کهڙا ٿاڻي جو پوليس اھلڪار عبدالحفيظ شيخ ڀنگ واپرائڻ سبب بيهوش ٿي ويو هو. جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کھڙا پوليس موبائل گاڏي ۾ کڻي گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتي پوليس اهلڪار عبدالحفيظ شيخ فوت ٿي ويو. رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته پوليس اھلڪار ڀنگ واپرائي وهنجڻ ويو هو، واپس اچڻ تي اوچتو بيهوش ٿي ويو. جنهن بعد کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو ھو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے