welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڄامشورو: جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران پيرسن جي قتل ٿيڻ ۽ 8 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جو ڪيس 16 ڄڻن تي داخل

ڄامشورو:(اربع 16 جولاءِ 2025ع)جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران پيرسن جي قتل ٿيڻ ۽ 8 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جو ڪيس 16 ڄڻن تي داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پوليس ٽن ڄڻن جي گرفتاري ظاهر ڪئي آهي. ڄامشورو شھر جي مک چوڪ تي 2 ڏينھن اڳ ناري تي تشدد واري معاملي تان جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي دوران ھڪ پيرسن علي گل جمالي پنھنجي ناٺي علي نواز جمالي ھٿان قتل ٿيو ھو ۽ ھڪ واٽھڙو رڪشا ڊرائيور شوڪت رند سميت 8 ڄڻا زخمي ٿيا ھئا. واقعي جو ڪيس ڄامشورو ٿاڻي تي تشدد جو شڪار ناري زينت جمالي جي سئوٽ جان محمد جمالي جي فرياد تي 13 سڃاتل ۽ 3 اڻ سڃاتل ماڻهن تي داخل ڪيو ويو آھي. ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آھي ته علي نواز جمالي بنا جواز سئوٽ زينت تي تشدد ڪندو رهيو، اھو مامرو معلوم ڪرڻ تي علي نواز جمالي مڇرجي پيو، ھن مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون. اسان پنھنجي ڄامشورو شھر واري دوڪان تي چاچي علي گل سان ويٺل ھئاسين ته جوابدار علي نواز، علي رضا، علي مراد، دلمراد، حق نواز، محمد نواز، شاھنواز، ذيشان علي، اعجاز علي، احسان علي، امتياز، محرم ۽ حبيب الله جمالي سميت 3 اڻ سڃاتل جوابدارن اسان مٿان هٿيارن، لٺين ۽ ڪھاڙين سان حملو ڪري ڏنو، جنھن سبب منھنجو چاچو علي گل جمالي گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي قتل ٿي ويو ۽ ھڪ رڪشا ڊرائيور سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے