ڪنڊيارو:(اربع 16 جولاءِ 2025ع)ٻي شادي نه ڪرائڻ تان پاڻ کي بندوق جا فائر ڪري زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو.
ٺاروشاھ ڀرسان ڳوٺ حسين بخش ميتلو ۾ نوجوان گلزار عرف گـل ميتلو پسند جي ٻي شادي نه ڪرائڻ تان اڄ صبع پاڻ مٿان بندوق جا فائر ڪري پنهنجي پاڻ زخمي ڪري ڇڏيو هو، جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاھ جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ھو.
جيڪو زخمن جا سور نه سھندي نوابشاھ جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.
جڏھن ته اھڙي خبر ٻڌندي نوجوان جي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، علائقي ۾ سوڳ جي لھر ڇانئجي وئي آھـي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language