welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

شهدادپور: زهريلو ڪيڪ کائڻ سبب هڪ ئي ڳوٺ جا 2 عورتن ھڪ مرد سميت 20 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙا بيهوش، نازڪ حالت ۾ سِمس اسپتال داخل

شھدادپور:(اربع 16 جولاءِ 2025ع)شهدادپور ۾ زهريلو ڪيڪ کائڻ سبب هڪ ئي ڳوٺ جا 2 عورتن ھڪ مرد سميت 20 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙا بيهوش، نازڪ حالت ۾ سِمس اسپتال ۾ داخل. شھدادپور ڀرسان ڳوٺ غلام محمد لغاري ۾ زھريلو ڪيڪ کائڻ سبب ڳوٺ جا 20 معصوم ٻار, عورتون، مرد الٽين ۽ دستن ۾ وٺجي بيھوش ٿي ويا جن کي سمس اسپتال شھدادپور آندو ويو جن ۾ 2 عورتن ھڪ مرد سميت مسمات فرحانا لغاري, بلال, فرقان, فلڪ, ياسين, مشھد, نگينا, سھيل احمد, سھانا سميت ھڪ ڳوٺ جا 20 کان وڌيڪ ٻار شامل آهن, ڳوٺاڻي علي ڏنو لغاري ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺ ۾ ايندڙ گاڏي واري کان ڳوٺ وارن ڪيڪ ورتا جنهن کي کائڻ الٽين ۽ دستن ۾ وٺجي ويا جن کي سمس اسپتال داخل ڪرايو آهي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر سومار سومرو ٻڌايو ته معصوم ٻار جن جي عمر ھڪ سال کان پنجن سالن تائين آھي ٻارڙا توڙي مرد ۽ عورتون به شامل آهن جن پاروٿو زھريلو ڪيڪ کاڌو جنهن کي کائڻ سبب الٽين ۽ دستن ۾ وٺجي ويا آهن 12 کان وڌيڪ ٻارڙن کي داخل ڪري علاج ڪريون پيا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے