شھدادڪوٽ:(اربع 16 جولاءِ 2025ع)شهر مان امن جو پکي اڏامي ويو، وڌندڙ بدامني خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا.
شهدادڪوٽ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهرين پاران ڪوٽو موٽو چوڪ تي شاميانا لڳائي ڌرڻو هنيو.
پوليس انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.
انهي موقعي حيات تونيو، حبدار ميرجت، آصف مگسي، موتبر چانڊيو، ذوالفقار مگسي، انور مغل، ايوب کوسو، نصير سيلرو، ذوالفقار علي سيلرو، مبين مگسي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته شهر ۾ چوريون ڦرون، روز جو معمول بڻيل آهن.
پوليس ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي.
شهري توڙي ڪاروباري ماڻهون غير محفوظ بڻيل آهن.
هنن آئي سنڌ ، ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته شهر ۾ ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرائي شهرين کان ڦر ڪيل سامان واپس ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language