:(اربع 16 جولاءِ 2025ع)ضلعي ٽنڊو الهيار سان تعلق رکندڙ ٽي هندو ناريون مبينا اسلام قبول ڪرڻ بعدحيدرآباد جي عدالت پهتيون، جتي پسند جو پرڻو ڪرڻ کان پوءِ تحفظ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي، اطلاعن موجب مدرسو گلزار خليل سامارو ۾ اسلام قبول ڪندڙ نارين ۾ 18ورهين جي لتا ديوي ميگهواڙ، 22 ورهين جي مينا ميگهواڙ ۽ انيتا ڪولھي شامل آهن، جن جا اسلامي نالا بسمه، ثميه ۽ ڪلثوم رکيا ويا۔ لتا ديوي ميگهواڙ عرف بسمه، سلطان آباد جي رهواسي علي شير بروهي سان نڪاح ڪيو۔ مينا ميگهواڙ عرف سميه، پنجاب جي ننڪاڻہ صاحب واسي سعيد احمد سان شادي ڪئي آھي، جڏهن ته انيتا ڪولھي عرف ڪلثوم، مير محمد بروهي ڳوٺ جي رهواسي تنوير بروهي سان حدرآباد جي عدالت ۾ نڪاح ڪرڻ بعد سوشل ميڊيا تي وڊيو بيان ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ٽنهي چوڪرين مسلمان ٿي شادي ڪرڻ جو اقرار ڪندي اهو به چيو آهي ته اسانکي ڪنهن به اغوا نه آهي ڪيو اسان پهنجي رضامندي سان مسلمان مذهب قبول ڪري پيار جو پرڻو ڪري ورتو آهي. جڏهن ته اهو به معلوم ٿيو آهي ته ڇوڪرين سان پيار جو پرڻو ڪندڙ نوجوان جي ٽن وارثن کي پوليس گرفتار پڻ ڪيو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language