welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

نئون ديرو ويجھو مبينا پوليس مقابلو، جوابدارن جي فائرنگ ۾ اهلڪار شهيد

نئون ديرو:(اربع 16 جولاءِ 2025ع)نئون ديرو ويجهو ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي ڳوٺ آگاڻي ۾ ڏوهارين جي اطلاع تي پوليس اٽالن ڪارروائي شروع ڪئي ته جوابدارن پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڏني، مقابلي دوران ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جو پوليس اهلڪار محمد رمضان جروار گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي لاڙڪاڻي جي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو جتي علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي پوليس اهلڪار دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان شهيد اهلڪار محمد رمضان جي ڀاڻيجي فداحسين جروار صحافين کي ٻڌايو ته منهنجو مامو 2008ع واري ڏهاڪي دوران پوليس کاتي ۾ ڀرتي ٿيو، جيڪو لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي ڊيوٽي سرانجام ڏئي چڪو آهي، ھن وقت ھو ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪري رهيو هو، نئون ديرو ويجهو ڳوٺ آگاڻي واري علائقي ۾ پوليس جي ڪارروائي دوران ڏوهارين جي فائرنگ ۾ ھو شهيد ٿي ويو آهي. هوڏانهن ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري جي اڳواڻي ۾ ڪيٽي ممتاز جي حد آگاڻي واري علائقي ۾ جوابدارن پوليس آپريشن ڪيو جنهن ۾ لاڙڪاڻو پوليس جي وڏي انگ ۾ نفري ۽ پوليس گاڏين حصو ورتو جڏهن ته آپريشن دوران جديد ٽيڪنيڪي نظام به استعمال ڪيو ويو. پوليس موجب ٽارگيٽيڊ آپريشن دوران پنهنجا فرض نڀائيندي، هڪ بهادر پوليس اهلڪار محمد رمضان جروار امن جي قيام لاءِ پنهنجي قيمتي جان جو نذرانو پيش ڪيو، ڏوهارين ۽ سماج دشمن گروهن خلاف جاري آپريشن دوران ڪجهه مشڪوڪ ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. ٻئي طرف شهيد اهلڪار محمد رمضان جو لاش ٽراما سينٽر مان ڳڙهي خدابخش ڀٽو ڀرسان اباڻي ڳوٺ جروار آندو ويو جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے