وارھ:(اربع 16 جولاءِ 2025ع)وارهه ڀرسان ڳوٺ خاوند ڏنو گوگاڻي ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جوابدار پنهنجي چاچي 50ورهين جي مسمات رحيمان زال محمد گوگاڻي کي قتل ڪري فرار ٿي ويو، وارثن عورت جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول عورت جي وارثن ٻڌايو ته ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جوابدار سهڻو گوگاڻي عورت کي گوليون هڻي قتل ڪري ظلم ڪيو آھي، هنن گهر ڪئي ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language