
راولپنڊي:(اربع 16 جولاءِ 2025ع)راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب خان جي 24 ۽ 26 نومبر وارن ڪيسن ۾ داخل ڪيل 14 کان وڌيڪ عبوري ضمانتن واري درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. عدالت هي فيصلو عمر ايوب ۽ اُن جي وڪيل پاران ڪيسن جي پيروي نه ڪرڻ سبب ڏنو. جج امجد علي شاهه ٻڌڻي دوران عمر ايوب جي غير حاضري جو نوٽيس وٺندي اُن جون سڀ عبوري ضمانتون رد ڪري ڇڏيون. عدالت عمر ايوب کي فوري گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو به حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. عمر ايوب هنن ڪيسن ۾ سينيئر قانوندان ڊاڪٽر بابر اعوان جي ذريعي عبوري ضمانت حاصل ڪئي هئي. عمر ايوب خلاف 24 ۽ 26 نومبر 2023ع جي واقعن بابت دهشتگردي جي قلم تحت مختلف ٿاڻن تي 14 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن، جن ۾ هو هينئر تائين عبوري ضمانت تي هو. عدالت جي فيصلي کانپوءِ عمر ايوب جي گرفتاري جا امڪان وڌي ويا آهن. هوڏانهن راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت احتجاج واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، سلمان اڪرم راجه طرفان حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي. جنهن بعد جج امجد علي شاهه ڪيس جي ٻڌڻي 18 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻئي طرف اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن خلاف 4 آڪٽوبر 2022ع جي احتجاج بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت سڀني غير حاضر جوابدارن کي ٻيهر طلب ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. ڪو به ڪارڪن عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جنهن تي عدالت ناراضگي جو اظهار ڪيو. اڳوڻي سينيٽر اعظم سواتي پاران حاضري کان ڇوٽ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language