ڪراچي:(خميس 17 جولاءِ 2025ع)ڪراچي ۾ شادي جي تقريب ۾ فائرنگ ۾ هڪ ڇوڪري فوت ٿي وئي.
ڪراچي جي سائيٽ ايريا ۾ هڪ شادي جي تقريب اوچتو ماتم ۾ تبديل ٿي وئي جڏهن هڪ ڇوڪري فائرنگ جي زد ۾ اچي وئي.
شادي جي جلوس ۾ فائرنگ ٿي رهي هئي جنهن دوران هڪ ڇوڪري سخت زخمي ٿي پئي. ڇوڪري کي فوري طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي.
واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس موقعي تي پهچي وئي ۽ دولہا ۽ سندس پيءُ کي گرفتار ڪري ورتو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language