غزہ:(خميس 17 جولاءِ 2025ع)غزه ۾ اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ 74 فلسطيني قتل ڪيا ويا .
ميڊيا رپورٽن موجب، اسرائيلي فوج غزه جي خان يونس علائقي ۾ آمريڪي امدادي مرڪز تي حملو ڪيو، جنهن سبب اتي ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي.
رپورٽون ظاهر ڪن ٿيون ته امداد حاصل ڪرڻ لاءِ اتي موجود 21 فلسطيني قتلمڪيا ويا.
صحت واري وزارت موجب، تڪراري آمريڪي ۽ اسرائيلي امدادي مرڪز جي ٻاهران هٿياربند ماڻهن فلسطينين تي مرچ جو اسپري ڪيو، گولا اڇلايا ۽ هڪ شهري کي به چاقو سان ماريو ويو.
اهو ياد رکڻ گهرجي ته آڪٽوبر 2023 کان وٺي غزه ۾ اسرائيلي حملن ۾ هاڻي تائين 58,000 فلسطيني قتل ٿي چڪا آهن ۽ 140,000 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language