ڪراچي:(اڱارو 01 جولاءِ 2025ع)ڪراچي ۾ صبح سوير مختلف هنڌن تي بوندا باندي سان موسم خوشگوار ٿي وئي.
موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن تائين موسم نم ۽ جزوي طور تي ڪڪر واري رهندي، جڏهن ته اڄ شهر ۾ ڪجهه هنڌن تي بوندا باندي جو امڪان پڻ آهي.
موسميات کاتي موجب، اڄ شهر ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 29 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، هوا ۾ نمي 82 سيڪڙو آهي ۽ شهر ۾ سامونڊي هوائون هلي رهيون آهن.
موسميات کاتي موجب، 5 جولاءِ کان هڪ ٻيو مون سون سسٽم سنڌ تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو.
ٻئي طرف، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ رات جو گجگوڙ ۽ بجلي سان گڏ تيز برسات پئي.
ايم ڊي واسا محمد سليم اشرف جو چوڻ آهي ته واسا راولپنڊي هاءِ الرٽ تي آهي ۽ مينهن جي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، عملو ڳري مشينري سان گڏ فيلڊ ۾ آهي.
برسات سبب اسلام آباد ۾ فلائيٽ آپريشن متاثر رهيو، اسلام آباد ايئرپورٽ تان 5 پروازن جي آمد ۽ روانگي ۾ دير ٿي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language