welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

بلوچستان: ٻن ڏينهن ۾ ٻوڏ جي پاڻي ۽ ڊيمن ۾ 5 ماڻهو ٻڏي فوت

ڪوئيٽا:(اڱارو 01 جولاءِ 2025ع)بلوچستان ۾ گذريل 2 ڏينهن دوران مون سون جي برساتن سبب ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ وهڻ ۽ ڊيمن ۾ ٻڏڻ جي واقعن ۾ 5 ماڻهو فوت ٿي ويا. بلوچستان ۾ 26 جون تي مون سون شروع ٿيو، صوبي جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ تيز برساتون ٿيون، جن ۾ لسٻيلا، حب، بارکھان، ژوب، هرنائي ۽ ڊيرا بگٽي شامل آهن. ژوب ۾ هڪ ئي خاندان جا 4 ماڻهو، جن ۾ 3 عورتون ۽ هڪ ڇوڪري شامل آهن، ٻوڏ ۾ وهڻ کان پوءِ فوت ٿي ويا. ان دوران زيارت جي علائقي زرگائي ۾ ڊيم ۾ ٻڏڻ کان پوءِ هڪ عورت فوت ٿي وئي ۽ 2 عورتن کي بروقت بچايو ويو، ساڳئي طرح هرنائي جي علائقي خوست ۾ ٻوڏ ۾ ڦاٿل 3 ماڻهن کي به محفوظ طور تي ٻاهر ڪڍيو ويو. پي ڊي ايم اي جي رپورٽ موجب، مون سون جي برساتن ۽ ٻوڏ جي ڪري زرعي زمين ۽ رهائشي گهرن کي نقصان پهتو. خضدار ۾ 10 گهر ڊهي پيا، جڏهن ته زيارت ۾ هڪ اسڪول سميت 2 عمارتون ڊهي پيون. برساتن ڪوئيٽا ۽ لسٻيلا ۾ 2 پلن کي به جزوي طور تي نقصان پهچايو. موسميات کاتي 4 جولاءِ کان مون سون جي هڪ ٻي دور جي اڳڪٿي ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته هن سال مون سون دوران معمول کان وڌيڪ مينهن پوڻ جو امڪان آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے