welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

مئي ڪيسز سبب مفرور حماد اظهر والد جي جنازي ۾ شرڪت لاءِ رهائشگاهه پهچي ويو

لاھور:(اربع 23 جولاءِ 2025ع)پنجاب جي اڳوڻي گورنر ميان اظهر جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنهن ۾ ان جي پٽ حماد اظهر به شرڪت ڪئي جيڪو گذريل ڪيترن ئي مهينن کان روپوش هو. سينئر سياستدان، پنجاب جو اڳوڻو گورنر ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي جي ميمبر ميان محمد اظهر جي جنازي نماز لاهور ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ حڪومتي، سياسي، سماجي ۽ ڪاروباري شخصيتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. تدفين حمد بلاڪ گارڊن ٽائون قبرستان ۾ ڪئي وئي. سينئر سياستدان ۽ ملڪي سياسي تاريخ جي شاهد ميان محمد اظهر جي جنازي نماز قذافي اسٽيڊيم جي ٻاهران ادا ڪئي وئي جنهن ۾ هزارين جي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي. جنازي نماز پروفيسر مولانا محمد يوسف پڙهائي، جنازي ۾ ان جي پٽ ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ اڳوڻو وفاقي وزير حماد اظهر به شريڪ ٿيو. صوبائي وزير فيصل کوکر، صوبائي حڪومت جي نمائندگي ڪندي شرڪت ڪئي. اڳوڻي پرڏيهي وزير خورشيد محمود قصوري، فواد چوڌري، پنجاب اسيمبلي ميمبرن ميان اعجاز شفيع، حافظ فرحت عباس، فرخ جاويد مون، فردوس شميم نقوي، شوڪت بسرا، مهر واجد، ابوذر سلمان نيازي، جمشيد اقبال، ميجر(ر) غلام سرور، برگيڊيئر(ر) مشتاق احمد، سجاد وڙائچ، شيخ امتياز محمود به جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيو.ليگي اڳوان خواجه احمد حسان، مهر واجد به جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيو. جڏهن ته صحافي، ڪاروباري ۽ سماجي شخصيتون به جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيون. جڏهن ته صحافي، ڪاروباري ۽ سماجي شخصيتون به جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيون. صدر پاڪستان مسلم ليگ(ن) ميان محمد نوازشريف ۽ وزيراعظم شهباز شريف سينئر سياستدان ميان محمد اظهر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي ميان محمد اظهر مرحوم جي خاندان سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته مرحوم ميان محمد اظهر جي والد جو ميان محمد شريف مرحوم سان پراڻو تعلق هو، دعاگو آهيون ته رب پاڪ ميان محمد اظهر مرحوم جي مغرفت ۽ انهن جي گهر ڀاتين کي صبر عطا ڪري. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حماد اظهر جو والد ۽ اڳوڻو پنجاب جو گورنر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر ميان محمد اظهر ڪافي وقت کان بيمار ۽ علاج هيٺ هو. ميان محمد اظهر 2024 جي عام چونڊن ۾ لاهور مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 129 تان پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اميدوار آزاد حيثيت جي طور تي قومي اسيمبلي ميمبر چونڊجي سني اتحاد ڪونسل ۾ شامل ٿي ويو هو. ڪارڪن جي حيثيت سان پنهنجو سياسي ڪيريئر شروع ڪندڙ سياستدان ميان محمد اظهر 1987 کان 1991ع تائين لاهور جو ميئر رهيو. جڏهن ته 1990 کان 1992 تائين پنجاب جي گورنر جي عهدي تي فائز رهيو. انهي جي عملي سياسي زندگي جي شروعاتي وابستگي مسلم ليگ(ن) سان گڏ هئي بعد ۾ نوازشريف جي جلا وطني جي دوران پاڪستان مسلم ليگ(ق) ۾ شامل ٿي انهي جو صدر رهيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے