welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ حڪومتي رٽ ناهي، دهشتگردي جو خاتمو ته پري جي ڳالهه آهي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد:(اربع 23 جولاءِ 2025ع)جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته دهشتگردي جو خاتمو ته پري جو لفظ آهي، افسوس حڪومت نالي جي رٽ بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ختم ٿي چڪي آهي. ملي يڪجهتي ڪونسل جي اهتمام هيٺ مجلس قائدين اجلاس ۽ قومي مشاورت کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ڏينهن جي وقت به دهشتگرد ڦري رهيا آهن پر ڪير به پڇڻ وارو نه آهي. رياست پنهنجي ناڪامين جو بار اسان تي نه وجهي. هن چيو ته اها بدامني رياستي ادارن جي نااهلي آهي، يا شعوري طور تي ڪئي پئي وڃي. انهي حوالي سان اسان کي جرئتمنداڻو موقف وٺڻ جي ضرورت آهي. هٿياربند جدوجهد جائز ناهي، افغانستان تي جڏهن آمريڪا حملو ڪيو انهي وقت هڪ انتشاري ڪيفيت هئي، انهي وقت ملڪ ۾ متحده مجلس عمل فعال هئي، اتحاد امه جي لاءِ اسان جيلن ۾ به وياسين. مولانا فضل الرحمان چيو ته پاڪستان ۾ ديني مقصدن جي لاءِ به هٿيار کي کڻڻ غير شرعي قرار ڏنو. پاڪستان ۾ هٿياربند جدوجهد کي اسان حرام قرار ڏئي چڪا آهيون ۽ هن وقت آئين سان گڏ بيٺل آهيون. هن سوال اٿاريو ته دهشتگردي جي خلاف سوات مان وزيرستان تائين آپريشن ٿيا پر جيڪي پناهگير ٿيا اهي اڄ به دربدر آهن، اهي ماڻهو جيڪي افغانستان ويا هئا اهي ڪيئن ويا ۽ واپس ڇو آيا؟ مولانا فضل الرحمان واضح ڪيو ته اسان 26هين ترميم جي 35 نڪتن مان حڪومت کي هٿ کڻڻ تي مجبور ڪيو انهي کان پوءِ اهي 22 نڪتن تي محدود ٿيا جنهن کان پوءِ اسان وڌيڪ قديم کنيا. هن ٻڌايو ته وياج جي خاتمي جي حوالي سان 31 ڊسمبر 2027ع جي تاريخ آخري آهي ۽ هاڻ باقاعده دستور ۾ لکيل آهي ته پهرين جنوري 2028ع تائين وياج جو مڪمل خاتمو ٿيندو. اسان سڀني کي انهي تي نظر رکڻ گهرجي حڪومت پنهنجي واعدي تي قائم نه رهي ته اسان کي عدالت وڃڻو پوندو. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان عدالت ۾ وياسين ته حڪومت جي لاءِ آسان نه هوندو ته اهو پنهنجي ئي آئين جي خلاف اٽارني جنرل بيهاري، وفاقي شرعي عدالت جي فيصلي خلاف ڪوبه سپريم ڪورٽ جو اپيلٽ ڪورٽ ۾ ويندو ته اهو معطل ٿي ويندو آهي، هاڻ صورتحال اها آهي ته آئيني ترميم کان پوءِ هاڻ پهرين جنوري 2028ع تي انهي تي عمل ٿيندو. هن چيو ته جيڪڏهن انهي جي خلاف ڪابه اپيل ٿي ته هڪ سال جي اندر اها مهلت ختم ٿيندي ۽ فيصلو لاڳو ٿيندو. وفاقي شرعي عدالت جو فيصلو فوري طور تي لاڳو هوندو. مولانا فضل الرحمان چيو ته وفاقي شرعي عدالت جو ڪوبه چيف جسٽس نٿي بڻجي سگهيو پر هاڻ شرعي عدالت جو جج شرعي عدالت جو چيف جسٽس بڻجي سگهي ٿو. اسلامي نظرياتي ڪونسل جون سفارشون بجيٽ جي لاءِ پيش ڪيون وڃن. پهرين اسلامي نظرياتي ڪونسل جي صرف سفارشون پيش ٿيون هيون هاڻ انهي تي بحث ٿيندي. هن چيو ته اهو ڪير آهي جيڪو جائز نڪاح جي رستي ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري ۽ غلط رستو ڏئي اهو ڪهڙو اسلامي جمهوريه آهي ته زنا بالرضا جي سهولت ۽ جائز نڪاح جي لاءِ دشواري؟ جي يو آءِ جي سربراهه چيو ته غيرت جي نالي تي قتل انتهائي مذمت جوڳو ۽ غير شرعي آهي. قانونسازي معاشري جي اقدار موجب هجڻ گهرجي. جيڪڏهن معاشرتي اقتدار جو خيال نه رکيو وڃي ته قانونسازي تي ٻنهي طرفن کان طعنا شروع ٿي ويندا آهن. مولانا فضل الرحمان چيو ته رياستي موقف واضح هوندو آهي ڪهڙي طرح مشرف چيو هو ته ڪشمير کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. مان ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين رهيس ۽ جهڙي طرح پاڪستان ڪشمير کان پوئتي هٽيو اهو سڀ اسان جي سامهون ٿيو. مودي جڏهن خصوصي حيثيت ختم ڪئي هن وقت اسان مذمتي قرارداد ۾ خصوصي آرٽيڪل 370 جو ذڪر به نه ڪري سگهياسين. هن چيو ته اسان فاٽا جو انضمام ڪري ڇڏيو ۽ انهي وقت به چيو هو ته اهو غلط ڪيو پيو وڃي. خطي ۾ آمريڪي ايجنڊا کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ جغرافيائي تبديليون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هاڻ صوبائي حڪومت پاڻ چوي ٿي ته انضمام جو فيصلو صحيح نه هو، ڪميشن ٺاهيون ٿا، هاڻ جيڪڏهن اوهان پوئتي هٽندو يا صوبو ٺاهيندو ته انهي جي لاءِ اڪثريت صوبائي ۽ وفاق ۾ گهرجي. مولانا فضل الرحمان چيو ته فلسطين تي اسرائيل ناجائز طور تي قابض آهي ۽ ٻه رياستي حل صرف هڪ ڌوڪو آهي. اسرائيل غاصب آهي. خالد مشعل گذريل ڏينهن ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته 70 هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. هن چيو ته اسرائيل جي پهرين صدر چيو هو ته مسلم رياست جو خاتمو اسان جي پرڏيهي پاليسي هوندي، پاڪستان 1940ع ۾ فلسطينين جي حق لاءِ آواز اٿاريو ۽ سڀني کان پهريان اسان انهي کي ناجائز رياست قرار ڏنو. حرمين به اسان جو آهي، قبله اول به اسان جو آهي پر اڄ اتي قبضو يهودين جو آهي، اڄ جيڪو ڪجهه فلسطينين تي گذري رهيو آهي اها حضور صه جي حديث آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته ايران جيڪو جواب ڏنو اسان انهي جي آجيان ڪريون ٿا، اسرائيل ايران تي حملو ڪيو، اسان انهي جي به کلي مذمت ڪريون ٿا ۽ انهي سان گڏ بيٺل آهيون. پاڪ انڊيا جنگ ۾ ايران جهڙي طرح پاڪستان جو کلي ساٿ ڏنو اهو تعريف جوڳو آهي. جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه چيو ته اسان اهو به واضح ڪري رهيا آهيون ته حرمين شريفين جي تحفظ لاءِ به اتحاد امت سان گڏ ميدان ۾ هونداسين.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے