welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ تي ويزا فري انٽري ڏيڻ جو فيصلو

ڍاڪا:(اربع 23 جولاءِ 2025ع)پاڪستان ۽ بنگلاديش سفارتي، سرڪاري پاسپورٽس تي ويزا فري انٽري جي سهوليت ڏيڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو، ٻطرفه لاڳاپا وڌائڻ جي لاءِ گڏيل ڪميٽي پڻ جوڙي وئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڍاڪا ۾ بنگلاديشي هم منصب ليفٽيننٽ جنرل(ر) جهانگير عالم چوڌري سان ملاقات ڪئي، محسن نقوي جو گهرو وزارت پهچڻ تي بنگلاديشي هم منصب پرجوش آجيان ڪئي، گارڊ آف آنرز پيش ڪيو ويو. پاڪستان ۽ بنگلاديش جي گهرو وزيرن جي ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ پاڪ بنگلاديش ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون ويون، ٻنهي گهرو وزيرن انٽرنل سيڪيورٽي ۽ پوليس ٽريننگ جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. انهي موقعي تي پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ ٻطرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪميٽي جوڙي وئي، پاڪستان طرفان وفاقي گهرو سيڪريٽري خرم آغا ڪميٽي جو سربراهه هوندو، بنگلاديش جو اعليٰ سطحي وفد تمام جلد سيف سٽي پراجيڪٽ ۽ نيشنل پوليس اڪيڊمي جو دورو ڪرڻ اسلام آباد ايندو. ملاقات دوران منشيات ۽ انساني اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ گڏيل تعاون وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ به گڏيل قدم کڻڻ تي به ڳالهيون ڪيون ويون، پوليس اڪيڊمين ۾ ٽريننگ پروگرامز جي گڏيل تعاون تي به ڳالهيون ڪيون ويون. بنگلاديشي گهرو وزير ليفٽيننٽ جنرل(ر) جهانگير عالم چيو ته ڍاڪا پهچڻ تي پنهنجي ڀاءُ کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئون ٿا، اوهان جو دورو پاڪ بنگلاديش ٻطرفه لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ انتهائي اهم آهي. ليفٽيننٽ جنرل(ر) جهانگير عالم پوليس ٽريننگ جي آڇ تي پاڪستاني هم منصب محسن نقوي جو ٿورو ادا ڪيو. بنگلاديش جي مملڪتي گهرو وزير خدا بخش، گهرو سيڪريٽري نسيم الغني، ايڊيشنل سيڪريٽري سيڪيورٽي ڊويزن شميم خان جڏهن ته پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي ناظم الامور محمد واصف، پوليٽيڪل قونصلر ڪامران دونگل سميت اعليٰ اختياريون انهي موقعي تي موجود هيون.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے