پشاور:(اربع 23 جولاءِ 2025ع)خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گرفتاري کي غير آئيني ۽ غيرقانوني قرار ڏيندي 5 آگسٽ کان حقيقي آزادي واري تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
علي امين گنڊاپور پنهنجي بيان ۾ چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جي غيرقانوني ۽ غير آئيني گرفتاري ۽ سزا کي نٿا مڃون، سزائون عوام جي راءِ ۽ آئين تي سڌو سنئون حملو آهي.
هن چيو ته سمورن ڪيل غيرقانوني فيصلن کي واپس وٺڻو پوندو، پي ٽي آءِ کي ختم ڪندڙ اڄ ماضي جو قصو بڻجندا پيا وڃن، اسان سچ سان گڏ بيٺل آهيون ۽ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير چيو ته 5 آگسٽ کان پاڪستان جي حقيقي آزادي جي تحريڪ شروع ٿيندي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ لاهور ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي علي امين گنڊاپور چيو هو ته 5 آگسٽ کان عمران خان ۽ ٻين گرفتار اڳواڻن جي آزادي لاءِ سموري ملڪ ۾ تحريڪ شروع ڪنداسين، 90 ڏينهن ۾ تحريڪ کي آر يا پار لڳائينداسين.
0 تبصرے
Do not use vulgar language