
ڪراچي:(اربع 23 جولاءِ 2025ع)سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ملڪ ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي، اترين علائقن ۾ به تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، ڪنهن به صوبي کي اسان جي ضرورت آهي ته اسان حاضر آهيون، سنڌ ۾ به جيڪڏهن وڏا اسپيل آيا ته سنڌ حڪومت مڪمل طور تي تيار آهي.
رپورٽ موجب ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت 2010 کان برساتون ۽ ٻوڏون ڏٺيون آهن ڪنهن به صوبي کي امداد ۽ انتظامي مدد جي ضرورت هوندي ته اسان مدد ڪنداسين. هن چيو ته سنڌ ۾ به وڏا اسپيل آيا ته سنڌ حڪومت مڪمل تيار آهي، سموري انتظاميه الرٽ آهي، مشينري موجود آهي.
سينئر صوبائي وزير چيو ته بلوچستان جي افسوسناڪ واقعي جي پيپلز پارٽي طرفان سخت مذمت ڪئي وئي، قاتلن کي سخت کان سخت سزا ڏني ويندي. هن چيو ته ڪاروباري ماڻهن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهيا آهيون، آن لائين ۽ ون ونڊيو آپريشن ٿيندو، پاڪستان ۾ هن وقت ڪاروبار جي لاءِ بهترين موقعا آهن.
هن چيو ته لياري ۾ جيڪا عمارت پٽ پئجي وئي هئي انهي تي سخت ايڪشن ورتو ويو، زبون حال عمارتن کي خالي ڪرايو پيو وڃي. هن وقت تائين 59 عمارتون خالي ڪرايون ويون آهن. غير قانوني تعميرات کي ٽوڙيو پيو وڃي.
ترقياتي منصوبن تي ڳالهيون ڪندي هن چيو ته شاهراهه ڀٽو تيزي سان مڪمل ٿي رهي آهي، آگسٽ تائين ڄام صادق پل به مڪمل ڪري عوام جي لاءِ کوليو ويندو. ڪي فور منصوبي تي سنڌ جو وڏو وزير اجلاس ڪري رهيو آهي اهو به جلد مڪمل ڪيو ويندو.
شرجيل ميمڻ سياسي معاملن تي ڳالهيون ڪندي چيو ته ڪنهن به سياسي اڳواڻ کي سزا ملڻ تي پيپلز پارٽي خوش ناهي ٿيندي پر جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو ڀڃ ڊاهه ڪندو، باهيون ڏيندو ته انهي کي معاف نٿو ڪري سگهجي. قومي ملڪيتن کي باهيون ڏيڻ سياست نه پر دهشتگردي آهي، اهڙن عناصرن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ حڪومت جي ذميواري آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language