welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

منشيات روڪ عدالتون ڇو ناهن ٺهيون؟ هاءِ ڪورٽ جو ناراضپو: گهرو ۽ ايڪسائيز سيڪريٽري طلب

ڪراچي:(جمعو 25 جولاءِ 2025ع)سنڌ هاءِ ڪورٽ نارڪوٽڪس سبسٽينس ڪنٽرول ايڪٽ 2024ع تحت خاص عدالتون قائم ڪرڻ بابت نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آءِ جي سنڌ، گهرو ۽ ايڪسائيز سيڪريٽرين کي سمور تي طلبي ورتو، ٻڌڻي دوران جسٽس ذوالفقار سانگي ريمارڪس ڏيندي چيو ته توهان عدالت ۾ غلط بياني ڪئي آهي، اسان اڄ ئي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري رهيا آهيون، توهان چيو هو ته بل اسيمبلي ۾ جمع ٿي ويو آهي، هاڻي چئي رهيا آهيو ته بل جو مسودو وڏي وزير منظور ڪيو آهي. جڏهن قانون ٺاهيو اٿئو ته ان تي عمل به ڪريو، جيڪڏهن قانون ٺاهيندڙ پاڻ قانون تي عمل نه ڪندا ته ٻين کان ڇا اميد رکي سگهجي ٿي؟ عدالت چيو ته پوليس کي جنهن قانون تحت ڪوئي اختيار ئي حاصل ناهي، پوليس انهن اختيارن تحت ڪيس ڪيئن داخل ڪري رهي آهي ؟ عدالت کي مذاق سمجهيو ويو آهي. ڪيس پڙهي نه سگهندڙ جاچ آفيسر جيل ويندا: هاءِ ڪورٽ ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ منشيات ڪيسن ۾ جوابدارن جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسرن جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر بدران ٻيا پوليس آفيسر عدالت کي ڪيس بابت ٻڌائڻ لڳا. عدالت پڇيو ته هي ڪير آهي؟ جاچ آفيسر ٻڌائي ته ڪهڙي اڳڀرائپ ٿي آهي؟ جنهن تي پوليس آفيسر جواب ڏنو ته جاچ آفيسر کي ڳالهائڻ نٿو اچي. عدالت چيو ته جڏهن هو ڳالهائڻ نٿو ڄاڻي ته پوءِ هن ڪيس جي جاچ ڪيئن ڪئي؟ پوليس آفيسر چيو ته جاچ آفيسر کي ڪم اچي ٿو پر سٺي طريقي سان ڳالهائي نٿو سگهي، هو جاچ آفيسر آهي ۽ آئون ٿاڻي جو ايس آءِ او آهيان. جنهن تي جسٽس ذوالفقار علي سانگي چيو ته آءِ جي سنڌ کي گهرايون ٿا ته جاچ آفيسر ڪيئن ڪم ڪن ٿا؟ سڄي سنڌ ۾ پوليس جو اهو نظام آهي، ڪم هڪڙو ڪندو آهي ۽ فائل تي صحيح ڪو ٻيو ڪندو آهي، اهڙي جاچ آفيسر کي جيل موڪلڻ گهرجي، جنهن کي ڪيس پڙهڻ به نه ايندو هجي. عدالت جاچ آفيسر کان سوال ڪيو ته ٻڌايو، وڏي منشي رپورٽ تيار ڪري ڏني آهي نه؟ اڄڪلهه ٿاڻن جا وڏا منشي ڪيس تيار ڪري ڏيڻ جا ڪيترا پيسا وٺندا آهن؟ اسان حيدرآباد ۾ آءِ جي سنڌ کي گهرائي هدايت ڪئي هئي ته جاچ آفيسرن کي تربيت فراهم ڪئي وڃي، جن کي ڪم نٿو اچي، انهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، اهڙن پوليس آفيسرن ڪري ماڻهو جيل ويندا آهن، ٻهراڙين ۾ اسان ٻڌو هو ته پوليس وارا سکي رهيا آهن پر ڪراچي جهڙن وڏن شهرن ۾ به ايئن ٿي رهيو آهي. پوليس منشيات فروشن کان 50 ۽ ڊيلرن کان 500 گرام منشيات ڏيکاري ڪيس ڪمزور ڪندي آهي: هاءِ ڪورٽ ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ هڪ ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو هو ته پوليس آفيسر منشيات فروشن کان 50 گرام ۽ منشيات ڊيلرن کان 500 گرام منشيات برآمد ٿيل ڏيکاريندا آهن، ڪمزور ڪيسن سبب جوابداراساني سان زاد ٿي ويندا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے