
ميرپورخاص:(جمعو 25 جولاءِ 2025ع)ايل بي اوڊي اڇو هاٿي بڻيل، سوا 15 ارب جي بجيٽ هوندي 2022ع واري صورتحال، 6 ضلعن جي هڪ ڪروڙ آبادي تي تلوار لٽڪيل، ان ڏس ۾ نواب شاهه،سانگھڙ، ميرپورخاص ۽ بدين ضلعن مان سم ۽ ڪلر جي خاتمي لاءِ سال 1981ع ۾ ايل بي او ڊي رٿا شروع ٿي، جنهن لاءِ ورلڊ بينڪ ۽ ٻين ادارن 33 اربن جا قرض به ڏنا هئا، انهي رٿا جي سم نالن ۽ ٽيوب ويلن تي 2011ع ۾ 3 ارب ۽ سال 2022ع ۾ 4 ارب وڌيڪ خرچ ڪيا ويا، هڪ هزار کان وڌيڪ عملو، ڪروڙن جي سالياني آپريشنل بجيٽ ۽ هيوي مشنري هوندي ايل بي اوڊي رٿا ميرپورخاص سميت 5 ضلعن جي عوام کي ڪو به لاڀ ڏئي نه سگھي، ويتر برساتي ٻوڏ دوران اها رٿا لکين ماڻهن کي بي گھر ڪرڻ ۽ فصلن جي تباهي جو سبب بڻجندي رهي، سال 2022ع وارين طوفاني برساتن ۾ ميرپورخاص ضلعي جي جھڏي ۽ سنڌڙي تعلقن ۾ مھينن تائين ٻيڙيون ھلنديون رھيون، ساڳئي ريت پنگرئي سميت ٽنڊي باگي تعلقي ۾ ايل بي او ڊي وڏي تباهي مچائي، ٻئي طرف آبپاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته ايل بي او ڊي جي مين سم نالي جو ناقص ڍانچو هر برساتي ٻوڏ دوران لکين ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿو، ماهرن موجب سنڌ سرڪار پاران پرڏيهي ماهرن ذريعي سال 2011ع ۾ ڪرايل اڀياس ۾ ايل بي او ڊي مين ڊرين کي پراڻ ندي جي قدرتي وهڪري کان الڳ ڪرڻ، عمرڪوٽ کان پاڻي کڻي ايندڙ هاڪڙي ڍوري کي شڪور ڍنڍ ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرائڻ لاءِ گس ڏيڻ، ڊگهڙي ۽ جهڏي شهرن کي بچائڻ لاءِ باءِ پاس تعمير ڪرڻ، ضرورت وقت ايل بي او ڊي جو پاڻي پراڻ ندي ۽ ٻين ڍورن ۾ ڇوڙ ڪرائڻ لاءِ 10 سائفن ( انڊر پاس) تعمير ڪرڻ، ايل بي اوڊي ۽ ڊي پي اوڊي تي نوان ريگيوليٽر لڳائڻ ۽ هر سال برساتن کان مهينو اڳ کاٽي ڪرائڻ سان گڏ بندن جو جائزو وٺڻ جي سفارش ڪئي وئي، انهن سفارشن تي سنڌ سرڪار 11 سالن تائين عمل ئي نه ڪيو، 2022ع جي برساتن ۾ وڏي تباهي ٿيڻ بعد آبپاشي کاتي وارا ننڊ مان جاڳي پيا. ايل بي او ڊي مين ڊرين جي بندن کي 2 فوٽ اوچو ڪرڻ ۽ مضبوطي لاءِ 29 مارچ 2022ع تي 6 ارب 29 ڪروڙ 74 لک 10 هزار رپين جي لاڳت سان ميگا رٿا شروع ڪئي وئي، جنهن تي 30 جوان 2025ع تائين 65 سيڪڙو ڪم مس ٿي سگهيو آهي، ساڳئي ريت ايل بي او ڊي سسٽم تان پاڻي جو دٻاءَ گهٽائڻ لاءِ 10 سائفن تعمير ڪرڻ توڙي ڍورو پراڻ جي پاڻي کي شڪور ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪرائڻ لاءِ وري 9 ارب 6 ڪروڙ 81 لک 30 هزارن جي ٻي رٿا شروع ڪئي وئي ، جنهن تي هن وقت تائين 47 سيڪڙو ڪم مس ٿي سگهيو آهي،ٻئي طرف موسميات کاتي پاران هيل طوفاني برساتن جي ڪيل اڳڪٿي دوران ايل بي او ڊي رٿا جي اڌوري ڪم 6 ضلعن جي هڪ ڪروڙ عوام جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن.هوڏانهن پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ايل بي او ڊي ميرپورخاص جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر ظفر الله سومرو چيو ته ايل بي او ڊي کي سم وارو 4600 ڪيوسڪ پاڻي ۽ 125 ملي ميٽر برسات وارو پاڻي 5 ڏينهن دوران سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرائڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو. سال 2011ع جي مهاٻوڏ بعد عالمي ماهرن رپورٽ ڏني ته ايل بي او ڊي مين سم نالو ٺهڻ سان مختلف هنڌن تي برساتي پاڻي جا قدرتي لنگهه بند ٿي ويا آهن، انهي لاءِ سال 2022ع ۾ پراڻ ڍورو جي بحالي، مين سم نالي جي گنجائش وڌائڻ ۽ رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ 10نوان انڊر پاس (سائفن ) ٺاهڻ لاءِ اسڪيم منظور ڪرائي وئي جيڪاسال 2027ع ۾ مڪمل ٿيندي. هن وقت ميرپورخاص ضلعي ۾ 6 نوان انڊر پاس (سائفن) ٺهي چڪا آهن، 2 انڊر پاسز تي ڪم هلندڙ آهي، باقي 2 انڊر پاس 2027ع تائين مڪمل ٿيندا، هن چيو ته سال 2022ع واري برساتي ٻوڏ ۾ايل بي اوڊي مان 12 هزار ڪيوسڪ پاڻي گذريو آهي، هڪ سوال جي موٽ ۾ هن چيو ته جھڏي سميت مختلف علائقن ۾ پُراڻ ڍوري جي پاڻي جو ڪراس نه هئڻ ڪري اتي پاڻي بيهجي ويو هو، هن وقت آر ڊي 210 وٽ انڊر پاس (سائفن ) ۽ ريگوليٽر جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، ڊي پي او ڊي ذريعي 4 هزار ڪيوسڪ پاڻي شڪور ڍنڍ ڏانهن اماڻيو ويندو، سال 2027ع تائين آر ڊي 275 وٽ انڊر پاس (سائفن ) ۽ آر ڊي 297 تي ريگيوليٽر مڪمل ٿيڻ بعد پراڻ ڍوري جو سمورو پاڻي ڪراس ڪري شڪور ڍنڍ ۾ داخل ٿيندو، جڏهن ته ايل بي او ڊي مين سم نالي جو پاڻي الڳ پنهنجي رستي سان سمنڊ ۾ ويندو. 2027ع کانپوءِ جھڏو سميت ميرپورخاص ضلعي جو برساتي پاڻي جو مسئلو مڪمل حل ٿي ويندو، هن چيو ته سال 2022ع واري اسڪيم هيٺ ايل بي اوڊي مين سم نالي جي بندن کي 2 فوٽ اوچو ڪرڻ جو ڪم به هلندڙ آهي، جيڪو 2027ع تائين مڪمل ٿي ويندو
سنڌڙي تعلقي جي بحالي تي ٽڪو خرچ نه ٿي سگهيو
سنڌڙي: 2020ع ۽ 2022ع جي برساتي ٻوڏ سبب سخت متاثر ٿيل سنڌڙي تعلقي جي بحالي تي ٽڪو خرچ نه ٿي سگهيو، گذريل برساتن ۾ سنڌڙي تعلقي جو ھنڱورنو ٽائون، يوسي اسماعيل ڪنڀار، يوسي سرھل، يوسي سامارو موري جي ديھ ڪنگھل مڪمل طور تي ٻڏي ويا هئا، سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن جي بحالي جا وڏا اعلان ڪيا پر 3 سال گذرڻ باوجود پوري تعلقي ۾ 10 سيڪڙو گهر به ٺھي ناھن سگھيا، جڏھن ته سم نالي ۽ قدرتي ڍورن جي کاٽي توڙي بندن جي سطح وڌائڻ لاءِ ڪو قدم نه کنيو ويو.
سم نالن جي کاٽي ۽ واهن جو پاڻي گهٽائڻ لاءِ لکيو آهي: ڪمشنر
ميرپورخاص: ميرپورخاص جي ڪمشنر فيصل عقيلي چيو آهي ته امڪاني برساتي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ تعلقي ليول تي جوڙيل ڪاميٽين جي سفارش آڌار ايل بي او ڊي جي پي ڊي ۽ چيف انجنيئر کي پوري ڊويزن ۾ مين ايل بي او ڊي، ننڍن سم نالن، پراڻ ڍوري سميت قدرتي لنگھن جي کاٽي ۽ بندن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ فالو اپ ليٽر لکيا آهن، اسان 2022ع واري برساتي ٻوڏ ۾ ميرپورخاص ڊويزن کي وڏي نقصان کان بچائي ورتو هو، هيل به ايندڙ امڪاني ٻوڏ تي ڪنٽرول ڪري وينداسين، پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايل بي او ڊي جي عملي سم نالن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. برساتن دوران واهن ۾ پاڻي وڌيڪ اچي ويندو آهي، اسان نارا ڪئنال جي ڊائريڪٽر کي به ليٽر لکي برساتن دوران پاڻي گهٽائڻ لاءِ چيو آهي،ميرپورخاص شهر ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر ۽ 2 ٽي ايم سيز جي جي چيئرمينن سان ميٽنگون ڪري کين گٽر نالن جي صفائي ۽ پمپنگ اسٽيشنن کي تيار رکڻ جي هدايت ڪئي آهي، هوڏانهن ميرپور خاص جي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر رشيد مسعود خان جو چوڻ هو ته ٻهراڙي ۽ شهرن جي لاڳاپيل ادارن سان الڳ الڳ ميٽنگون ڪري پلان جوڙيا آهن، جهڏي ۽ ڊگهڙي ۾ ايل بي او ڊي سم نالي جي ٻنهي پاسن کان 2 لک چورس فوٽ زمين تي قبضا ٿيل هئا، جتي 200 جي لڳ ڀڳ دڪان ۽ گھر اڏيل هئا، اسان اهي اڏاوتون ڊاهي قبضا ختم ڪرايا آهن. هن چيو ته برساتن دوران واهن ۾ گھارا پوڻ جا امڪان هوندا آهن، انهن گھارن جي پاڻي جو دٻاءُ ايل بي اوڊي سم نالي تي پوندو آهي، اسان آبپاشي کاتي کي برساتن دوران واهه بند رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته ميرپورخاص شهر کي برساتي پاڻي کان بچائڻ لاءِ ميئر کي شهر ڀرسان واقع 2 سم نالن جي صفائي ۽ کاٽي جو ڪم مڪمل ڪرائڻ جي ھدايت ڪئي آهي.
ننڍيون ڊرينون تباهه آهن،ڪا کاٽي ناهي ٿي: آبادگار
ميرپورخاص: سنڌ آبادگار بورڊ ميرپورخاص ضلعي جي صدر محمد عمر ٻگھيو چيو آهي ته ضلعي انتظاميه ۽ آبپاشي کاتو امڪاني ٻوڏ جو ٻڌي رڳو مين سم نالي ايل بي او ڊي جو ڪم ڪرائڻ ۾ مصروف آهي، ضلعي جي ننڍن سم نالن تي ڪنهن جو ڌيان ناهي ۽ نه ئي وري کاٽي ڪرائي وئي آهي، ننڍيون ڊرينون تباهه حال بڻيل آهن، هن تجويز ڏيندي چيو ته گذريل برساتي ٻوڏن ۾ متاثر ٿيل ڳوٺن کي حفاظتي بند ڏياري محفوظ بڻايو وڃي ته جيئن ٻوڏ دوران ڳوٺاڻا وڏي نقصان ۽ بي گھر ٿيڻ کان بچي وڃن. هن چيو ته يوسي چيئرمينن کي هر مهيني 10لک رپيا فنڊ ملي رهيو آهي، انهي رقم مان اهي حفاظتي بند ٻڌرائي سگهن ٿا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language