welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

نئين ايف سي خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان، گڊ طالبان قبول ناهن، ادارا سرحدون سنڀالين، ڊرون استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين: پشاور اي پي سي

پشاور:(جمعو 25 جولاءِ 2025ع)تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ۽ پي ٽي آءِ نئين سياسي تحريڪ جو اعلان ڪندي خميس تي اسلام آباد ۾ اي پي سي سڏائي ورتي، جنهن ۾ سمورين ڌرين کي دعوت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور اي پي سي کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته صوبي ۾ هاڻ گڊ طالبان جي به ڪا گنجائش ناهي.جيڪو طالبان جي سفارش ڪندو ان خلاف به ڪارروائي ٿيندي، جيڪو شخص هٿيارن سان نظر آيو ان خلاف به ايڪشن ٿيندو، جڏهن ته ڪنهن فيڊرل فورس کي صوبي ۾ ڪارروائي جي اجازت ناهي. فرنٽيئر ڪانسٽيبلري فورس کي وفاقي فورس بڻائڻ خلاف عدالت وڃي رهيا آهيون، هن چيو ته اسحاق ڊار ۽ محسن نقوي منهنجي صوبي جي مسئلي تي نٿا ڳالهائي سگهن، هن صوبي جا فيصلا هتي ئي ٿيندا، وفاقي حڪومت پنهنجي ذميواري پوري نه پئي ڪري، اسان سان مسلسل زيادتي ٿي رهي آهي، رهتون ادا ڪيون وڃن. سندس چوڻ هو ته وفاق جي ذميواري سرحدن جي حفاظت آهي، وفاقي ادارا سرحدن جي حفاظت ڪن، اسان پنهنجي سرزمين جي حفاظت ڪنداسين، قبيلائي ضلعن ۾ 300 مقامي پوليس اهلڪار مقرر ڪنداسين. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته دهشتگرديءَ سان اسان جي صوبي کي وڏو نقصان ٿيو آهي، قبائلي علائقن ۾ مشيرن سان مشاورت بعد گرينڊ جرڳو گهرائي رهيا آهيون، آپريشن جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ نه ئي ڪو آپشن قبول آهي. پهريون ادارا ڊرون ذريعي ڪارروائي ڪندا هئا، هاڻي دهشتگرد به ڊرون جي ذريعي حملا ڪري رهيا آهن، اسان صوبي ۾ ڊرون جي ذريعي ڪارروائي جي اجازت به نه ڏينداسين، سرحدن جي حفاظت وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي، اسان پنهنجي سرزمين جي حفاظت ڪري سگهون ٿا، علي امين گنڊاپور چيو ته مائنز اينڊ منرلز بل ۾ اهڙي ڪا شق ناهي ته صوبي جا اختيار کسيا پيا وڃن. پشاور(م ڊ) اپوزيشن اتحاد پاران اسلام آباد ۾ 31 جولاءِ کان پهرين آگسٽ تائين آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيوم محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته هي پهريون اتحاد آهي. جيڪو ڪنهن اداري جي خواهش تي ناهي ٺهيو، هاڻوڪي حڪومت خلاف شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ وڃي آواز اٿاريو ويندو، گلگت کان گوادر تائين پُرامن احتجاج ڪيو ويندو ۽ ڪابه گارگند نه ٿيندي، اي پي سي ۾ ادارن جي ماڻهن کي به دعوت ڏني ويندي، علامه راجا ناصر عباس چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت هجي ها ته مخصوص سيٽن وارو فيصلو نه اچي ها، اسان وٽ هٿيار نه آهن پر آواز اٿارڻ بند نه ڪنداسين، هي جدوجهد بهترين رٿابندي سان هلائي ويندي، سلمان اڪرم راجا چيو ته ملڪ کي ڏنڊي جي زور تي نٿو هلائي سگهجي، هي تحريڪ پي ٽي آءِ جي نه پر هر مظلوم ماڻهو جي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے