
اسلام آباد:(جمعو 25 جولاءِ 2025ع)وفاقي سرڪار پاران91ع واري پاڻي ٺاهه تي سڌي ريت عمل بجاءِ سنڌ ۽ پنجاب حڪومتن سان الڳ الڳ رابطا ڪرڻ جو فيصلو، آر بي او ڊي رٿا جي رهيل ڪم جي معائني لاءِ فني ڪاميٽي قائم: ڪراچي کي پاڻي فراهمي لاءِ نئين حب ڪئنال لاءِ گهربل 10 ملين گيلن پاڻي جي منظوري وارو مامرو سي سي آءِ ۾ کڻڻ تي اتفاق. ڪي 4 رٿا جي فيز ون ۾ ايندڙ رڪاوٽون هٽائڻ جي خاطري، ان ڏس ۾ ڪالهه هتي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه ۽ پاڻي معاملن بابت وفاقي وزير ميان معين وٽو جي صدارت ھيٺ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد شاھه چيو ته ڪراچي کي روزانو 1300 ملين گيلن پاڻي جي گهرج آهي، هن وقت فقط 650 ايم جي ڊي (50سيڪڙو) پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، شهري 650 ايم جي ڊي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. انهي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت ڪي 4 رٿا شروع ڪرائي، انهي وسيلي ڪينجهر ڍنڍ مان ڪراچي کي 650 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ڪيو ويندو، واپڊا منصوبي جي پهرين مرحلي تي ڪم ڪري رهيو آهي، انهي سان 260 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ٿيندو، جنهن تي وفاقي وزير معين وٽو چيو ته هن اربع تي صوبائي وزير ناصر شاهه سان گڏجي ڪي 4 رٿا جو معائنو ڪيو، فيز ون 63 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي، اهو حصو 2026ع تائين مڪمل ٿيندو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 31 جنوري 2022ع تي قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي (ايڪنڪ) ڪي 4 جي فيز ون جي نظرثاني ٿيل پي سي ون جي انتظامي منظوري ڏني، رٿا جي مجموعي لاڳت 126.404 ارب رُپيا آھي، وفاقي حڪومت ڪينجهر ڍنڍ مان 260 ايم جي ڊي پاڻي فراهمي لاءِ صوبائي حڪومت جي 50 سيڪڙو مالي ڀائيواري وارن 12.77 ارب رُپين جي رهتن جي وقت سر ادائگي، زمين حاصل ڪرڻ واري ڪارروائي مڪمل ڪرڻ، بجلي جي فراهمي، پاڻي ورڇ جو نظام، آپريشن ۽ سار سنڀال جو بندوبست ۽ منصوبي تي عملدرآمد لاءِ اسٽيرنگ ڪاميٽي جا باقاعده اجلاس ڪرائڻ جو عمل يقيني بڻائي، جنهن تي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت پاران مقرر ڪيل سڀني شرطُن تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻائي رهي آهي. هن وفاقي سرڪار سان لاڳاپيل مسئلن کان اگاهي ڏيندي چيو ته انتظامي منظوري باوجود ڪي 4 منصوبو سنجيده مالي چيلنجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جن جي حل لاءِ وفاقي حڪومت جي ترت مداخلت ضروري آهي. ھن چيو ته مالي سال 2025-26ع لاءِ منصوبي جي اصل گهرج 39.964 ارب رُپيا آهي، پر بجيٽ ۾ رڳو 3.209 ارب رُپيا رکيا ويا آهن. فنڊنگ جي کوٽ سبب منصوبو دير جو شڪار ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته لاڳت ۾ واڌ اچي سگهي ٿي، ٺيڪيدارن جي امڪاني دعويٰ به سامهون اچي سگهي ٿي. جنهن تي وفاقي وزير معين وٽو خاطري ڪرائي ته هو وزيراعظم شهباز شريف کي منصوبي تي اڳڀرائپ کان آگاهه ڪري اضافي فنڊز جي منظوري لاءِ زور ڀربندو، اجلاس ۾ وفاقي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڪي 4 جا “رائيٽ آف وي” (ROW) سان لاڳاپيل مسئلا حل ڪري چڪي آهي پر اڃا ٻه اهم رڪاوٽون موجود آهن، ٺٽو ۾ پمپنگ ڪامپليڪس لاءِ 22 ايڪڙ زمين ۽ پائپ لائين بابت ٻڌڻي هيٺ ھڪ عدالتي ڪيس شامل آهن. وڏي وزير خاطري ڪرائي ته پمپنگ اسٽيشن لاءِ گهربل زمين جلد منصوبي حوالي ڪئي ويندي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته صوبي جي 8.5 ارب رپين جي حصي مان 1.27 ارب رپيا (چوٿين قسط) جي منظوري ڏني وئي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پراڻي حب ڪئنال جي مرمت ڪرائڻ سان گڏ 100 ايم جي ڊي جي گنجائش وارو نئون حب ڪئنال پڻ تعمير ڪرائي رهي آهي، هن درخواست ڪئي ته حب ڊيم مان ڪراچي لاءِ پاڻي جي فراهمي 100 کان وڌائي 200 ايم جي ڊي ڪئي وڃي. اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته حب ڊيم ۾ پاڻي جي موجودگي جاچڻ لاءِ هڪ ٽيڪنيڪل سروي ڪرايو ويندو، جنهن بعد گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي سفارشون اماڻيون وينديون، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وفاقي وزير کي درخواست ڪئي ته سنڌ ۽ پنجاب جي آبپاشي کاتن وچ ۾ سڌي ملاقات کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن پاڻي ورڇ سان لاڳاپيل مسئلا خوش اسلوبيءَ سان حل ڪري سگهجن. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي دور ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل اٽارني جنرل کي ٽاسڪ ڏنو هو ته هو 1991ع جي پاڻي معاهدي جو جائزو وٺي، پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ بابت سفارشون ڏئي. اٽارني جنرل اها رپورٽ جمع ڪرائي، جيڪا بعد ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ڏانهن اماڻي وئي. وڏي وزير موقف اختيار ڪيو ته پاڻيءَ ورڇ فقط 1991ع ٺاهه جي روشنيءَ ۾ ٿيڻ گهرجي. جنهن تي وفاقي وزير اتفاق ڪيو ته مسئلي جي حل لاءِ سنڌ ۽ پنجاب جي نمائندن سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون وڃن. اجلاس ۾ رائيٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين (آر بي او ڊي ) منصوبي تي اڳڀرائي جو جائزو وٺي ٽيڪنيڪل ڪاميٽي قائم ڪئي وئي، جيڪا آر بي اوڊي جي بچيل مسئلن بابت ٽن ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language