
ٺل:(آچر 20 جولاءِ 2025ع)ٺل ويجهو افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ جمعو ڊکڻ ڀرسان پنجاب واسي ٻن نوجوانن کي بااثر شخص نوڪري وٺي ڏيڻ بهاني ٻن نوجوانن ملتان واسي 25 ورهين جو سلمان احمد ۽ چڪوال واسي 20 ورهين جو زاهد جاويد جو ڳلو ڪپي شديد ڪري زمين ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي نوجوان زاهد جاويد دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ٻئي نوجوان سلمان کي طبي امداد ڏني وئي، وارثن چڪوال کان ٺل پهچي 10 ڪلاڪنن بعد پهچي مقتول نوجوان جو لاش سندس والد جاويد وصول ڪيو ان موقعي تي مقتول نوجوان جو والد جاويد ٻڌايو ته منهنجو پٽ انٽر پاس هو، جنهن کي بااثر شخص نوڪري وٺي ڏيڻ بهاني ڳوٺ کان گهرايو ۽ ان کي سکر وٺي ويو گذريل ڏينهن نوجوان کي وٺو ويو رات دير سان منهنجي پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو ظلم ڪيو ويو، هن چيو ته مان ڪراچي ۾ ريڙهي هلائيندو هئس جتي اهو شخص ايندو هو ٻن ڏينهن مسلسل آيو ۽ بعد ۾ چيو ته توهان پنهنجي پٽ کي گهرايو ته ان کي نوڪري وٺي ڏيان اسان کي ڪهڙي خبر ته پٽ سان ظلم ڪندو. هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن پوليس موجب ته اڳ به اهڙي قسم جا 5 واقعا پيش آيا آهن وارث ڪيس ڪرائيندا ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.
پٽ جي اغوا جو ٻڌائي ڀنگ گهرايو ويو هئي: جاويد آرائين
ٺل: مقتول نوجوان جي والد جاويد آرائين ٻڌايو ته جوابدار پٽ کي قتل ڪرڻ کان پوءِ فون ڪري چيو ته اسان کي ڏوهارين اغوا ڪيو آهي، 50 لک ڀنگ گهري رهيا آهن، هن ٻڌايو ته پوليس مونکي پٽ جي قتل جو اطلاع ڏيڻ بعد ٻن ڪلاڪن بعد فون ڪري چيو ته اسان کي تنهنجي پٽ سميت اغوا ڪيو آهي، هن ٻڌايو ته پٽ ڪراچي کان رهڙي اسٽيشن تي لهي آخري ڀيرو هڪ ڏينهن اڳ فون ڪري چيو ته اسان روهڙي پهتا آهيون پٽ آخري ڀيرو ٻڌايو ته اسان ڇانوڻي وينداسون اتي فون ڪم نه ڪندي جنهن بعد اوهان کي فون ڪنداسون.
مقتول نوجوان جو والد ڪراچي ۾ ريڙهي هلائيندڙ، گهر ۾ ڪهرام متل
ٺل: مقتول نوجوان جي والد جاويد احمد آرائين خانيوال جو رهواسي آهي جيڪو ڪراچي ۾ ڇولا چانورن جي ريڙهي هلائي گهر ڀاتين جو پيٽ پاليندو هو، بااثر شخص جيڪو پاڻ کي آفيسر ٻڌائي پٽ کي نوڪري وٺي ڏيڻ جي بهاني ڪراچي کان سکر وٺي آيو هو مقتول جي والد سان هڪ هفتو کان ريڙهي تي ايندو هو جنهن سان واقفيت هڪ کان هئي.
نوجوانن کي زنجيرن سان جڪڙي تشدد ڪرڻ جو انڪشاف
ٺل: ڳلو ڪپي قتل ڪيل ٻنهي نوجوانن کي جوابدارن زنجيرن سان جڪڙي ڳلو ڪپي زمين ۾ زخمي حالت ۾ کين اڇلائي ويا،نوجوانن جي ٻنهي ٽنگن کي زنجيرن سان ٻڌي ڇڏيو هو، پوليس موجب زخمي ٿيل نوجوان سلمان احمد دانهيون ڪيون ته علائقي واسي پهچي ويا ۽ پوليس کي اطلاع ڪيو جيڪي واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي ٺل جي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language