ڀاڻوٺ:(آچر 20 جولاءِ 2025ع)وزير آبپاشي ڄام خان شورو ۽ سيڪريٽري آبپاشي ظريف اقبال کيڙو ضلعي مٽياري جي علائقي ڀاڻوٺ ۾ درياءِ سنڌ جو دورو ڪيو.
ان موقعي تي آبپاشي کاتي جي چيف انجنيئر منصور ميمڻ، ايم ڊي سيڊا پريتم داس سميت ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. دوري کانپوءِ وزير آبپاشي ڄام خان شورو چيو ته سنڌ حڪومت امڪاني ٻوڏ واري صورتحال جي پيش نظر درياءِ سنڌ جي بندن تي حفاظتي انتظام تيز ڪري سڀني فيلڊ عملدارن جي ڊيوتيون مقرر ڪري ڇڏيون آهن ۽ کين ھدايت ڪئي آهي ته درياءِ جي بندن جي ڏينهن رات نگراني ۽ مضبوطي کي يقيني بڻايو وڃي، ۽ امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تياري ڪئي وڃي.
ان کان هڪ ڏينهن اڳ سيڪريٽري آبپاشي ظريف اقبال کيڙو ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد نويد قمر ٽنڊو محمد خان جي حاجي پور واري هنڌ تي درياءِ سنڌ جو معائنو ڪيو ھو، جتي ظريف اقبال کيڙو لاڳاپيل عملي کي حفاظتي بندن کي مضبوط ڪرڻ جي ھدايت ڏني ھئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language