welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي ۾ مفت انب کڻڻ پوليس واري کي ڳچيءَ پئجي ويو، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

ڪراچي:(آچر 20 جولاءِ 2025ع)ڪراچي ۾ هڪ پوليس واري کي مفت ۾ انب کڻڻ ڳچيءَ ۾ پئجي ويا. هڪ ريڙھيءَ واري هڪ پوليس واري جي مفت ۾ انب کڻڻ جي وڊيو ٺاهي ۽ سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي. فروٽ وڪرو ڪندڙ پاران ٺاهيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پوليس وارو هٿ ۾ فروٽ وڪرو ڪندڙ جو ترازو به کڻي رهيو هو، جڏهن ته پوليس واري جي موٽرسائيڪل تي نمبر پليٽ به نه هئي. پوليس موجب، واقعي ۾ ملوث الياس نامي پوليس وارو پوليس اسٽيشن سائيٽ سپر هاءِ وي تي مقرر هو،خبر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ سان هاڻي کين معطل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ۽ کاتيوار ڪارروائي پڻ ڪئي ويندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے