welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

بلوچستان ۾ فتنه الھندوستان خلاف آپريشن، 4 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئيٽا:(آچر 20 جولاءِ 2025ع)بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز فتنہ الھندوستان خلاف ڪامياب آپريشن ڪيو ۽ 4 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. ذريعن موجب، سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ دهشتگردن جي حرڪت تي آپريشن ڪيو. پهرود ۾ آپريشن دوران، فتنہ الھندوستان جو هڪ جهنڊو ۽ هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا. ذريعن جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، ۽ فتنہ الھندوستان دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي مثال بڻايو ويندو. ذريعن موجب، فتنہ الھندوستان نيٽ ورڪ تازن ڏينهن ۾ غير مسلح شهري، عورتن ۽ ٻارن کي نشانو بڻائي رهيو آهي، ۽ انهن جا بزدلانه ڪارروايون قومي سلامتي لاءِ هڪ سنگين خطرو بڻجي چڪا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے