welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ٽي قتل ڪيس: جاچ آفيسر جو جوابدارن جي سڃاڻپ کان انڪار، آڏي پڇا مڪمل

دادو:(آچر 20 جولاءِ 2025ع)دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ام رباب چانڊيو جي پيءُ سميت ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران ام رباب چانڊيو ڪيس جي فريادي پرويز چانڊيو ۽ وڪيل سميت عدالت پهتي، جڏهن ته ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو، برهان خان چانڊيو ۽ ٻين جوابدارن کي پيش ڪيو ويو . جاچ آفيسر ڊي ايس پي محمد ايوب دراني جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو. ايس ايچ او ڪريم بخش چانڊيو کي جوابدارن جي مدد ڪرڻ، سهولتڪاري ۾ ملوث هئڻ جي رپورٽ ۽ ايس ايچ او ۽ جوابدارن جي نمبرن جي سي ڊي آر رپورٽ بابت جاچ آفيسر کان آڏي پڇاڪئي وئي. عدالت ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 2 آگسٽ تي مقرر ڪئي. ام رباب چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ھر تاريخ تي عدالت ۾ انصاف لاءِ اچون پيا انصاف جي اميد آهي، جاگيرداري نظام جنگ جاري رهندي، ڪيس ھلي ويو آهي، مان پاڻ قانون جي شاگرد آھيان، جيڪي ڪيس ۾ شاھديون ھليون آهن ۽ ثبوت پيش ٿيا آهن، اهي سردار ڀائرن کي سزا ڏيڻ لاءِ ڪافي آهن، اسان جون زندگيون خطري ۾ آهن، سر سان ڪفن ٻڌي اچون ٿا. اسان جو ڪيس روزانو هلايو وڃي. ام رباب چانڊيو وڌيڪ چيو ته جاچ آفيسر جوابدارن جي سڃاڻپ نه ڪرڻ جو ڪو مسئلو ناهي، جاچ آفيسر جو ڪم جاچ ڪرڻ آهي ٻئي طرف سردار احمد چانڊيو چيو آهي ته فريادي ڌر درخواست ڏئي جيڪو جاچ آفيسر گهرايو، اهو جوابدارن جي سڃاڻپ نه ڪري سگهيو، ڪيس مڪمل ٿي چڪو آھي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے