
ميرپورخاص:(آچر 20 جولاءِ 2025ع)ميرپورخاص ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران ڪارپوريٽ فارمنگ، پاڻي، معدني وسيلن جي ڦرلٽ، مذھبي انتھاپسندي ۽ ھندو نياڻين جي اغوائن خلاف ميرپورخاص بس ٽرمينل کان مارڪيٽ چوڪ تائين 8 ڪلوميٽر مارچ ڪيو ويو، جنھن جي اڳواڻي پارٽيءَ جو سربراھ رياض چانڊيو ۽ سينيئر وائيس چيئرمين سيد نواز شاھ ڀاڏائي ڪري رھيا آھن. مارچ ۾ ھندو برادري جي ماڻھن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مارچ کي خطاب ڪندي رياض چانڊئي چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ کي ھرگز قبول ناھي، ڀلي پيپلز پارٽي ان جو نالو ”پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ“ رکي، پر اسان کان کي سنڌ جي زمينن تي والار سمجھون ٿا. ھن چيو ته حڪمران جيڪڏھن زرعي معيشت کي بھتر ڪرڻ گھرن ٿا ته اھا زمين غريب ھارين کي ڏني وڃي پر اھو ڪھڙو طريقو آھي ته سنڌ جي ھارين ۽ آبادگارن کي سھولتون ڏيڻ بدران ڪمپنين کي نوازيو وڃي ۽ انھن کي زمينون ڏنيون وڃن. ھن چيو ته سنڌ جا ٻيلا وڍي اھي زمينون به پاڻ نيلام ڪيون پيون وڃن. ھن چيو تھ اھڙو ڪھڙو قانون آھي ته سنڌ کان سندس ڪوئلو کسيو، معدني وسيلا کسيو، پاڻي کسيو. ھن چيو تھ اسان مطالبا ڪريون ٿا ته سنڌ جي ماڻھن کي پاڻي ڏيو پر ھو سنڌ کي پاڻي ڏيڻ بدران پنجاب ۾ نوان ڪئنال ۽ ڊيم اڏڻ جون رٿائون جوڙين ٿا. ھن چيو ته اسان عدالتن کان پڇون ٿا ته سنڌ اندر 2 قانون ڇو آھن؟ ھن اعلان ڪيو ته اغوا ٿيل ھندو نياڻيون بازياب ته ٿيون ته 27 جولاءِ تي حيدرآباد _ ميرپورخاص ھاءِ وي تي ڌرڻو ھڻي ان کي بند ڪيو ويندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language