welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

نواب شاهه: 6 مقتولن جو ٽيجهو، گهرن ۾قيامت صغريٰ جا منظر، ڪو مرد ناهي بچيو: وارث عورتون

نواب شاہ:(آچر 20 جولاءِ 2025ع)نوابشاهه ڀرسان ڳوٺ محمد موسيٰ ڀنگوار ۾ ڇهھ مقتولن جو ٽيجهو ٿي گذريو ۽ قرآني خواني ڪئي وئي. ٽيجھي ۾ ڪنھن به چونڊيل نمائندي شرڪت نه ڪئي، برداري جي ماڻھن ۽ علائقي واسين شرڪت ڪئي. ڇهھه مقتولن جا جوابدار گرفتار ٿي نه سگھيا آھن، ٽي ڏينھن گذرڻ باوجود مقتولن جا قاتل گرفتار نه ٿي سگھيا آهن. قتل تي ويل ڇھن ڄڻن جي خاندان م صرف 2 معصوم ھڪ پنج سالن جو اويس ۽ چئن سالن جو حاجي حمزه وڃي بچيا آھن، چونڊيل نمائندن ضلعي آفيسرن ۽ انساني حقن جي تنظيمن سندس وارثن جي ڪابه واھر نه ڪئي، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ڇھن ڄڻن جي امڙين فريادي بڻيل صاحبزادي زال غلام مصطفي ۽ نازل زال شاھ علي ڀنگوار جڏهن ته قتل ٿي ويل ٽن ڀائرن جي ڀيڻ ۽ قتل ٿي ويل شهباز جي زال مالا ڀنگوار ۽ خاندان ۾ بچيل ٻن معصوم ٻارڙن ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي نوجوانن جي قاتلن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري، انھن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، عورتن چيو ته سڀ مرد قتل ٿي وڃڻ بعد گھر ۾ فاقا ڪشي آهي، عورتون ۽ معصوم ٻارڙا بي يارو مددگار آهي، قاتلن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيوپ وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے