welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

شڪارپور: مغل ۽ پٺاڻ برادريءَ ۾ جهيڙو، نتيجي ۾ پنج ڄڻا سخت زخمي

شڪارپور:(ڇنڇر 26 جولاءِ 2025ع)ضلعي جي اسٽور گنج ٿاڻي جي حد ۾ واقعو پيش آيو، آغا عطا محمد ڪڙي ۾ معمولي ڳالهه تان مغل ۽ پٺاڻ برادريءَ وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ مغل برادريءَ جا نويد احمد، معظم، ۽ فراز شامل آهن، جڏهن ته پٺاڻ برادريءَ جا مبشر ۽ شرجيل ولد بشير خان پٺاڻ زخمي ٿيا. زخمين مان مبشر پٺاڻ جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جنهن سبب کيس سکر جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جهيڙي جو ڪارڻ ٻنهي ڌرين پاران مختلف بيان ڪيو ويو آهي. پٺاڻ ڌر جو چوڻ آهي ته جهيڙو ڪوڙي منڊي بابت ڳالهه تان شروع ٿيو، جڏهن ته مغل ڌر موجب سندن سوني منڊي چوري ٿيڻ تي پڇا ڪرڻ بابت حملو ڪيو ويو. واقعي کانپوءِ ٻنهي ڌرين پاران اسٽور گنج ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي. پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے