اوٻاوڙو:(ڇنڇر 26 جولاءِ 2025ع)اوباوڙو شهر ۾ وڌندڙ بدامني، چوري ۽ ڌاڙن خلاف شهرين احتجاج ڪيو، جنهن ۾ رند برادري سميت مختلف مذهبن ۽ خيالن جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
مظاهرين اوباوڙو پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ۽ چيو ته شهر ۾ روزانو جي بنياد تي چوريون، ڌاڙا، ۽ خاص طور تي موٽر سائيڪل چوري جون وارداتون خطرناڪ حد تائين وڌي ويون آهن.
مظاهرين چيو ته رڳو گذريل ٻن مهينن دوران شهر مان 30 کان وڌيڪ موٽر سائيڪلون چوري ٿي چڪيون آهن، پر پوليس مڪمل طور تي ناڪام نظر اچي رهي آهي.
سندن چوڻ هو ته شهر ۾ بدامني جي لهر عام ماڻهن کي مڪمل طور غير محفوظ بڻائي ڇڏيو آهي، ۽ هاڻ شهرين لاءِ ڏينهن جي وقت به محفوظ رهڻ مشڪل ٿي ويو آهي.
شهرين ايس ايڇ او کي نااهل قرار ڏيندي، سندس فوري برطرفي جو مطالبو ڪيو، ۽ چيو ته امن امان جي بحالي لاءِ شهر ۾ ايماندار ۽ فرض آفيسر مقرر ڪيو وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language