welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اڄ ملڪ ۾ ڪٿي ڪٿي برسات جو امڪان آهي؟

اسلام آباد:(ڇنڇر 19 جولاءِ 2025ع)اڄ سنڌ، ڏکڻ پنجاب، بلوچستان، اپر خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ برسات جو امڪان آهي. ڪراچي ۾ به اڄ کان سومر تائين وچولي برسات ٿي سگهي ٿي. موسميات کاتي موجب، موجوده مينهن وسائيندڙ نظام ڏکڻ پنجاب ڏانهن منتقل ٿي ويو آهي، جنهن تحت ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن دوران ڏکڻ پنجاب، بلوچستان ۽ سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ وچولي کان هلڪي برسات جو امڪان آهي. هڪ ٻيو مضبوط نظام آچر کان ملڪ ۾ داخل ٿيندو. نئين نظام جي اثر هيٺ، اسلام آباد، خيبر پختونخوا، اپر پنجاب، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ تيز برسات جو امڪان آهي. پي ڊي ايم اي 20 کان 25 جولاءِ تائين پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جي 18 ضلعن ۾ برسات جو الرٽ جاري ڪيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے