welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

چالیھ ارب ڪوهستان اسڪينڊل، مک ڪردار، 2 سرڪاري آفيسر، 2 بينڪر ۽ 4 ٺيڪيدار گرفتار

پشاور:(ڇنڇر 19 جولاءِ 2025ع)قومي احتساب بيورو (نيب) ڪوهستان جي 40 ارب رپين جي ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ 8 اهم جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، جن ۾ 2 سرڪاري آفيسر، 2 بينڪر ۽ 4 ٺيڪيدار شامل آهن. جعلي چيڪن جي منظوري ۽ دستخط، جعلي تعميراتي فرمون، بي ضابطگين ۾ اي جي آفيس جي آفيسرن جي شموليت، ۽ بينڪ جي سهولتڪاري ثابت ٿي. صوبي جي سڀ کان وڏي مالي بدعنواني ميگا اسڪينڊل جي جاچ کي وڌيڪ وڌايو ويو آهي، ۽ اسڪينڊل ۾ وڌيڪ گرفتاريون ٿيڻ جي اميد آهي. گرفتار ٿيلن ۾ شفيق الرحمان قريشي (ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر)، محمد رياض (اڳوڻو ڪيشيئر بينڪ ۽ ڊمي ٺيڪيدار)، فضل حسين (آڊيٽر، اي جي آفيس پشاور)، طاهر تنوير (اڳوڻو مئنيجر بينڪ)، دراج خان (ٺيڪيدار)، عامر سعيد (ٺيڪيدار)، صوبيدار (ٺيڪيدار) ۽ محمد ايوب (ٺيڪيدار) شامل آهن. جوابدارن تي ڪميونيڪيشن اينڊ ورڪس (سي اينڊ ڊبليو) کاتي جي آفيسرن جي ملي ڀڳت سان جعلي بلنگ، مالي فراڊ ۽ مني لانڊرنگ ذريعي اربين رپين جي غبن ۽ بي نامي اڪائونٽس ۽ جعلي فرمز ذريعي فنڊ منتقل ڪرڻ جو الزام آهي. صوبي جي سڀ کان وڏي مالي بدعنواني ميگا اسڪينڊل جي جاچ کي وڌيڪ وڌايو ويو آهي ۽ اسڪينڊل ۾ وڌيڪ گرفتاريون ٿيڻ جي اميد آهي. سرڪاري دستاويزن مان ظاهر ٿيو آهي ته شفيق الرحمان قريشي (ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر) اپر ڪوهستان ۾ جعلي ترقياتي منصوبن لاءِ بجيٽ هيڊ G-10113 تحت جعلي خزاني چيڪن جي منظوري ۽ دستخط ڪرڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے