welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

لياري واسڻ ڪنوار شانتي زندگي جي جنگ ھارائي وئي: مڙهه سجاول ۾ سپرد خاڪ

ڪراچي:(خميس 24 جولاءِ 2025ع)ڪراچي ۾ شادي رات مڙس جي وحشياڻي تشدد جو شڪار لياري واسڻ ڪنوار شانتي مهيشوري سوا مھينو موت سان جھيڙيندي زندگي جي جنگ ھارائي وئي، سندس مڙھه سجاول جي ڳوٺ سيدپور نيو ويو، ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ 15 جون تي پسند جي شادي ڪندڙ 19 سالن جي شانتي مھيشوري تي شادي جي ٻي رات مڙس وحشياڻو جنسي تشدد ڪرڻ سان گڏ ۽ سندس ويھڪ واري جاءِ ۾ لوھي سريو وجھي ڇڏيو هو، جنهن سبب شانتي ڪراچي جي ٽراما سينٽر ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان علاج ھيٺ ھئي، جتي ڊاڪٽرن پاران سندس ٽي آپريشن ڪيا ويا ھئا، شانتي مسلسل وينٽي ليٽر تي ھئي، جنهن ڪالهه صبح جو دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، شانتي جو وسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارث لاش سجاول جي ڳوٺ سيدپور کڻائي ويا، ٻئي طرف سجاول واري عيوضي موجب شانتي کي شام ڌاري سپرد خاڪ ڪيو ويو هو، ھوڏانھن عورتن جي ڀلائي واري وزير شاھينا شير علي جاري ڪيل بيان ۾ واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته شانتي کي 4 جولاءِ تي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو ھو، صوبائي وزير موجب هن پاڻ اسپتال وڃي شانتي جي علاج لاءِ ڊاڪٽرن کي هدايت ڪرڻ سا گڏ ۽ وارثن جي مدد ڪئي، ھن وقت به ھو متاثر خاندان سان ھر قسم جو سھڪار ڪري رھي آھي، جوابدار کي سخت سزا ڏيارڻ لاءِ قانوني مدد فراھم ڪئي ويندي۔ شانتي جي پسند خاطر اشوڪ سان شادي ڪرائي، جوابدار ظلم جي انتھا ڪئي، سيڻن ۽ خانگي ڊاڪٽر کي سوگهو ڪريو : والدين ڪراچي: مڙس ھٿان وحشياڻي تشدد جو شڪار شانتي جي پيرسن والدين جو چوڻ آھي ته ھنن پنھنجي ڌي جي پسند خاطر اشوڪ سان شادي ڪرائي، جوابدار ظلم جي انتھا ڪندي سندن ڌيءَ کي قتل ڪيو آهي، ھنن مطالبو ڪيو ته جوابدار جي والدين ۽ خانگي اسپتال جي ڊاڪٽر کي جاچ ۾ شامل ڪري کين انصاف فراھم ڪيو وڃي. شانتي ڀاڄائي سان گڏ گھرن ۾ پورھيو ڪري ڏاج گڏ ڪيو * جوابدار اشوڪ جيل حوالي *اشوڪ جا والدين ۽ خانگي ڊاڪٽر آجا ڪراچي: شانتي پنهنجي ڀاڄائي سان گڏ گھرن ۾ پورھيو ڪندي ھئي، اتان ملندڙ اجرت مان هن پنهنجو ڏاج گڏ ڪيو * گرفتار ٿيل جوابدار اشوڪ جوڊيشل ريمانڊ تي جيل حوالي ٿيل آھي* پوليس شانتي جو پهريون آپريشن ڪندڙ خانگي اسپتال جي ڊاڪٽر توڙي گرفتار ٿيل سندس مڙس اشوڪ جي والدين کي جاچ ۾ شامل ناهي ڪيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے