welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پيءُ پئسا هٿ نه ڪري سگهيو، غريب جي ڌيءُ نئين جُتي نه ملڻ تي خودڪشي ڪري ڇڏي

ٽنڊو آدم:(خميس 24 جولاءِ 2025ع)ٽنڊو آدم ڀرسان مائٽن پاران غربت سبب نئين جُتي نه وٺي ڏيڻ تان نينگري ڪاوڙجي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب ٽنڊو آدم ڀرسام ڳوٺ پارس ڏيرو ۾ مائٽن پاران غربت سبب نئين جُتي نه وٺي ڏيڻ تان مائٽن کان ڪاوڙجي 12 ورهين نينگري ڪَملي ڌي نارو ڀيل ڦاھو کائي آپگھات ڪري ڇڏيو، اطلاع تي سٽي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال آندو جتي مائٽن پاران ڪابه قانوني ڪارروائي نه ڪرائڻ تي لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي ڳوٺ کڻائي ويا، لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو،وارثن موجب ڌي نئين جُتي وٺي ڏيڻ جو چيو غربت سبب نئين جُتي وٺڻ لاءِ پئسا نه هئا جنهن تان ڪاوڙجي هن انتهائي قدم کنيو، اسان ٻه ويلا ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهيون، ڌيءُ کي ڪٿان نئين جُتي وٺي ڏيون ها

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے