اسلام آباد:(خميس 24 جولاءِ 2025ع)وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ رياستي ملڪيتي ادارن ايس او ايز جي نجڪاري تي اڳڀرائي بابت اجلاس ٿيو. وزير اعظم چيو ته خساري ۾ هلندڙ قومي ادارن جي نجڪاري ملڪ جي معيشت جي بهتري ۽ ترقي لاءِ لازمي آهي. هن چيو ته قومي ادارن جي قيمتي زمينن تي قبضا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا. وزير اعظم چيو ته نجڪاري جي مرحلن ۾ بنا سبب جي دير ۽ غير ضروري رڪاوٽن جي خاتمي لاءِ نجڪاري ڪميشن کي قانوني طور مڪمل خودمختياري ڏني ويندي. سڀ فيصلا مڪمل ۽ مؤثر انداز ۾ لاڳو ڪيا وڃن. نجڪاري ڪميشن جي ڪم جي مان پاڻ نگراني ڪندس. اجلاس ۾ وزيراعظم کي 2024 ۾ نجڪاري جي لسٽ ۾ شامل ادارن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته نجڪاري ڪميشن مرحليوار ڪم ڪري رهي آهي، پي آءِ اي، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) سميت سڀ ادارا جيڪي نجڪاري لسٽ ۾ شامل آهن، انهن جي نجڪاري معاشي، اداراجاتي ۽ انتظامي هدفن جي مطابق مڪمل ڪئي ويندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language