پاراچنار:(خميس 24 جولاءِ 2025ع)ليبيا جي ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿيل ٻن وڌيڪ ماڻهن جا لاش پاراچنار آندا ويا آهن.
ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿيلن جا لاش انهن جي اباڻي ڳوٺ مالي خيل ۾ دفن ڪيا ويندا.
فوت ٿيل نوجوان جي پيءُ حسن چيو ته سندس پٽ علائقي ۾ بدامني کان تنگ اچي گهر ڇڏي ويو هو، پر هاڻي ڊگهي انتظار کان پوءِ سندس پٽ جي لاش ملي آهي.
پرڏيهي آفيس موجب، 5 فيبروري تي پيش آيل ليبيا جي ٻيڙي حادثي ۾ ڪل 18 پاڪستاني مارجي ويا هئا، جن ۾ پاراچنار جا 15 ماڻهو شامل هئا، جڏهن ته حادثي جي متاثرين مان 6 پاڪستاني اڃا تائين گم آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language