نوابشاه:(جمعو 18 جولاءِ 2025ع)نوابشاهه جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ مڙس پنھجي زال کي گھرو اڻبڻت تان گولي هڻي ماري ڇڏيو ، جڏهن ته مڙس گولي هڻي فرار ٿي ويو ، ثنا کي پنھنجو ڀاءُ سرفراز ڀٽي نوابشاهه اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن پاران ثنا ڀٽيءَ کي ڊاڪٽرن پاران آءٌ سي يو داخل ڪيو جتي ڊاڪٽرن موت جي تصديق ڪري ڇڏي. اي سيڪشن ٿاڻي جي حد جمالي ڪالوني ۾ پنھنجي پي جي گھر قتل ٿيل ثنا ڀٽي جي ڀاءُ سرفراز ڀٽي ٻڌايو ته ثنا ڀٽي کي سندس مڙس فرحان اسان جي گھر جي در تي گھرائي گوليون ھڻي فرار ٿئي ويو منھنجي ڀيڻ ڪجھه ڏينھن کان پنھنجي مڙس کان ڪاوڙجي اسان وٽ رھيل ھئي اڄ ان جي مڙس فرحان اسان جي ڀيڻ کي بيدردي سان گوليون ھڻي قتل ڪيو آھي ايس ايس پي شهيد بينظير آباد کان مطالبو ٿا ڪريون ته فوري طور گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language