مورو:(جمعو 18 جولاءِ 2025ع)مورَي ويجھو ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ 9 مھينن جو مصدق پٽ الھداد لغاري دل ۾ سوراخ واري تڪليف سبب علاج جي سھولت نه ملڻ سبب فوت ٿي ويو جنھن سبب گھر ڀاتين ۾ ڪھرام مچي ويو. وارثن جو چوڻ ھو ته نينگر کي دل ۾ سوراخ ھو جنھن جو علاج ھلندڙ ھو پر 20 مئي واري مسئلي کان پوءِ ھن جو علاج ڪون ٿي سگھيو ھو انڪري بيماري ھن تي ڪنٽرول ڪري وئي ۽ فوت ٿي ويو آھي.
چڪ : چڪ جي مياورئي پاڙي جو رھاڪو جھونو ايڇ ايس ٽي رٽائرڊ سائين قبول احمد سومرو تقريبن 85 سالن جي عمر ۾ ڪجھ وقت عمردرازي سبب ھلڪي ڦلڪي ناچاڪي ۾ پيالو ڪري ويو مرحوم پنھنجي دور جو محنتي استاد ليکيو ويندو ھو
0 تبصرے
Do not use vulgar language